ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڪرڪيٽر ڪامران اڪمل چيو آهي ته يو اي اي جي ڪنڊيشن موجب پاڪستان جو بالنگ يونٽ مڪمل نه پيو ٿئي، اسپنر ان ڪنڊيشن ۾ به نه کيڏندا ته ڪٿي کيڏندا؟
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪامران اڪمل چيو ته ٽي ملڪي سيريز ۾ ڪيتريون کي غلطيون ڪيوسين، ايشيا ڪپ ۾ اهڙين غلطين جي گنجائش ناهي، اسان کي ننڍين نه وڏين ٽيمن کان به کٽڻو پوندو.
هن چيو ته محمد حارث کي ٽاپ ٿري ۾ کيڏائڻ ئي فائديمند آهي، صائم ايوب کي پهريان 4 کان 5 سال بيٽنگ ڪرايو، ان کانپوءِ بالنگ ڏيوس، في الحال بيٽنگ تان سندس ڌيان نه هٽايو، خواهش آهي ته پاڪستان ڀارت خلاف کٽي پر قومي ٽيم کي وڏي محنت ڪرڻي پوندي.
You might also like