ڀارت ٻوڏ بابت مڪمل تفصيل ناهن ڏنا: پاڪستان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته ڀارت پاڪستان کي سفارتي سطح تي ٻوڏ بابت مڪمل تفصيل فراهم ناهن ڪيا، جڏهن ته پاڪستان واضح ڪري چڪو آهي ته افغان حڪومت کي دهشتگردي جي مسئلي کي سنجيدگي سان وٺڻو پوندو، اتي دهشتگردن لاءِ محفوظ پناهه گاهون موجود آهن ۽ پاڪستان پنهنجي سرزمين ۽ ماڻهن جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻي ٿو.
جمعي ڏينهن هفتيوار بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت پاڪستان کي ٻوڏ بابت ڪجهه تفصيل ڏنا، پر مڪمل تفصيل فراهم نه ڪيا ويا.
هن چيو ته افغانستان کي پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ بند ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ويجهڙ ۾ پنهنجي سرزمين ۽ ماڻهن جي تحفظ لاءِ سرحدي علائقن ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ڪيو آهي.
شفقت علي خان چيو ته جرمني کي پاڪستان ۾ موجود افغان شهرين جي جرمني وڃڻ واري معاملي کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي.
جرمن کاتي طرفان پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن بابت بيان ڏٺو آهي ۽ جرمني وڃڻ جي اوسيئڙي ۾ ويٺل افغان شهرين کي جلد کان جلد پاڪستان مان جرمني گهرايو وڃي.
هن چيو ته پاڪستان، اسرائيل طرفان خان يونس ۾ ٿيل حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو، اسرائيلي حملي دوران اسپتالن ۽ صحافين کي نشانو بڻايو ويو، اسرائيل مسلسل انساني حقن جي لتاڙ ۾ ملوث آهي.
ترجمان موجب، وزيراعظم جو چين جو دورو ڪامياب رهيو، شهباز شريف چيني صدر جي دعوت تي شنگھائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪيترن اهم اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم غزا ۾ اسرائيل جي جارحيت جي پڻ مذمت ڪئي.
شفقت علي خان چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ايس سي او ۾ افغانستان جي مسئلي کي اجاگر ڪيو ۽ افغانستان سان گڏيل ڳالهه ٻولهه تي زور ڏنو.
ترجمان موجب، وزيراعظم روس، آذربائيجان ۽ ايران جي صدرن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ ايران جي صدر سان ملاقات دوران پاڪستان ايران سان ڀائراڻن لاڳاپن عزم ورجايو ويو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ روس ٻطرفن لاڳاپن سميت ٻين شعبن ۾ اڳتي وڌڻ تي زور ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.