گذريل هڪ سال دوران گوگل پنهنجي سرچ انجڻ ۾ ڪجهه تبديليون ڪيون آهن، پڪ سان توهان به نوٽ ڪيو هونديون ته جڏهن توهان ڪا شيءَ سرچ ڪندا آهيو ته سڀ کان پهريون جيڪو نتيجو ظاهر ٿيندو آهي ته اِهو هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالوجي ( اَي آءِ ) جي مدد سان تيار ڪيل هوندو آهي.
گوگل اهڙن چيٽ بوٽس طرفان ڏنل جوابن کي ”اي آءِ اوور ويو“ جو نالو ڏئي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن اِهي نتيجا تمام گهڻا مددگار ثابت ٿين ٿا، پر ڪڏهن ڪڏهن اهي چيٽ بوٽ ماڻهوءَ کي پٿر يا کونئڻ کائڻ جو مشورو به ڏيندا آهن.
ان کانسواءِ اي آءِ اوور ويو توهان جي مستقبل جي سرگرمين تي به اثرانداز ٿين ٿا.
هلندڙ سال آمريڪا جي 900 انٽرنيٽ واهپيدارن پنهنجي برائوزنگ هسٽري کي پيُو ريسرچ سينٽر جي نگراني لاءِ مهيا ڪئي.
پيُو جي ڊيٽا ليب جي ڊائريڪٽر ايرون سمٿ، ٻڌايو ته ”اهي واهپيدار سرچ نتيجن ۾ جيڪي اي آءِ خلاصا نظر ايندا هئا، انهن تي گهٽ ڪلڪ ڪندا هئا ۽ گهڻي ڀاڱي برائوزنگ سيشن ئي بند ڪري ڇڏيندا هئا.“
هڪ نئين تحقيق موجب، گوگل واهپيدارن وٽ ٻين جي ڀيٽ ۾ اي آءِ طرفان ڏنل لنڪس تي ڪلڪ ڪرڻ جو امڪان اڌ کان به گهٽ آهي، 26 سيڪڙو ماڻهن چيو ته جيئن ئي کين اي آءِ جو خلاصو نظر ايندو آهي هو برائوزر بند ڪري ڇڏيندا آهن.
اهو ان ڪري اهم آهي ڇو ته هر سال ماڻهو پنج هزار ارب ڀيرا گوگل تي سرچ ڪن ٿا ۽ اتان ئي سندن تقريبن سموريون آن لائن سرگرميون شروع ٿين ٿيون.
ڪيئي ويب سائيٽون اشتهارن ذريعي ڪمائين ٿيون، خاص طور تي اهي جيڪي مواد فراهم ڪن ٿيونم اهڙي صورتحال ۾ گوگل جو موجودا الگورٿم ڪنهن به ڪمپني لاءِ نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
ايميسو مارڪيٽنگ ايجنسي جي سربراهه للي رَي جو چوڻ آهي ته ”کوڙ ويب سائٽن وجود گوگل ٽريفڪ تي قائم آهي.“
”اي آءِ اوور ويو جي ڪري ٽريفڪ گهٽجي رهي آهي ۽ ان سان ئي ويب سائيٽن جي آمدني ۾ 20، 30، يا 40 سيڪڙو تائين گهٽتائي اچي رهي آهي، ان جو اثر ماڻهن تي پئجي رهيو آهي ۽ هو سٺو مواد ٺاهڻ کان به پاسو ڪري رهيا آهن.“
گوگل مستقبل ۾ اهڙو فيچر آڻڻ جو ارادو رکي ٿو، جيڪو روايتي سرچ جو طريقو ئي تبديل ڪري ڇڏيندو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙي قسم جي پاليسي انٽرنيٽ لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي ۽ ڪجهه ته اهو به چون ٿا ته سڄي ويب ئي ختم ٿي سگهي ٿي.
پر گوگل اهڙين دعوائن کي رد ڪري ٿو.
گوگل جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ”اسان روزانو اربين ڪلڪ ويب سائيٽن ڏانهن موڪليندا آهيون ۽ اڃا تائين اسان کي ويب ٽريفڪ ۾ ڪا وڏي گهٽتائي نظر نه آئي آهي.“
پيُو جي تحقيق تي تبصرو ڪندي گوگل ترجمان چيو ته ”تحقيق جو طريقو غلط آهي، ۽ ان مان سرچ ٽريفڪ کي سمجهي نٿو سگهجي.“
پيُو جي ايرون سمٿ چيو ته ”اسان جي فائنڊنگ ٻين آزاد ڪمپنين ذريعي ڪئي وئي آهي. “ ٻين رپورٽن مان به ظاهر ٿئي ٿو ته اي آءِ اوور ويو سبب سرچ ٽريفڪ ۾ 30 کان 70 سيڪڙو تائين گهٽتائي آئي آهي.
گوگل جو چوڻ آهي ته اي آءِ اوور ويو جا جواب حقيقتن تي ٻڌل هوندا آهن.
لي رَي چيو ته هن پاڻ سوين ويب سائيٽن جا انگ اکر ڏٺا آهن.
پر گوگل جو چوڻ آهي ت ان تحقيق نظرانداز ڪرڻ کپي، ڇو ته اهو غير جانبدار ڊيٽا نه آهي.
گوگل جو چوڻ آهي ته ”اي آءِ اوور ويو“ نه رڳو واهپيدار کي ٻين ذريعن سان جوڙين ٿا، پر کين نيون ويب سائيٽون ڳولڻ ۾ به مدد ڏين ٿا.
پر گوگل جو پنهنجو اي آءِ بوٽ به ان راءِ سان متفق نه آهي. جيڪڏهن توهان گوگل جيمينائي کان پڇو ته اهو چوندو ته اي آءِ اوور ويو ويب سائيٽن کي نقصان رسائي رهيا آهن.
للي رَي جو چوڻ آهي ته ”گوگل ڄاڻي واڻي حقيقتن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جيئن ماڻهو پريشان نه ٿين، هو سٺو مواد ٺاهيندڙن جا ڪلڪ کسڻ لڳا آهن ۽ اهو مواد ئي ماڻهن اڳيان پيش ڪن ٿا.“
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ” اي آءِ اوور ويو ڪيئي ڳالهين کي غلط طريقي سان سمجهن ٿا ۽ پڇيل سوال جا گهربل نتيجا مهيا نه ٿا ڪن.“
هن چيو ته ” گوگل رڳو ويب سائيٽن جا ڪلڪ نه کسي رهيو آهي. پر ماڻهن کان ڄاڻ جي ٻين ذريعن تائين رسائي جا وسيلا ۽ اختيار پڻ کسيا پيا وڃن.“
You might also like