يو ايس بي ۾ هي چوڪُنڊا سوراخ ڇو هوندا آهن؟دلچسپ حقيقت ڄاڻيو

يو ايس بي جو استعمال ته ڪيئي ڏهاڪن کان جاري آهي پر ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته يو ايس بي ڪنڪٽر تي موجود ٻه چوڪُنڊا خانا ڪهڙو ڪم ڪن ٿا؟
1996 کان وٺي يو ايس بي ڊوائيسز ڪمپيوٽر سان جوڙڻ لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن ۽ وقت سان گڏوگڏ يو ايس بي ۾ ڪيترائي ورزن آيا آهن جن ذريعي ڊيٽا ٽرانسفر جي رفتار بهتر ٿي آهي.
گهڻا ماڻهو يو ايس بي ٽائپ اَي پورٽ کان واقف آهن، پر گهٽ ماڻهن کي اِها ڄاڻ هوندي ته ڪنيڪٽر ۾ ٻه خانا ڇو هوندا آهن.
اهي خانا پورٽ جي اندر موجود ” ريٽينيشن ڪلپس“ سان سان گڏجي ڪنڪٽر کي مضبوط ۽ پڪو بڻائين ٿا ته جيئن اتفاقي طور ڊوائيس ٻاهر نه نڪري.
يو ايس بي پورٽ اندر ٻه ريٽينيشن ڪلپس هونديون آهن جيڪي ڪنيڪٽر جي خانان مان نڪري ڪينڪٽر کي پنهنجي جڳهه تي قائم رکڻ ۾ مدد ڏين ٿيون.
جيڪڏهن توهان ڪنهن ڪنيڪٽر کي هوريان يو ايس بي پورٽ ۾ وجهي ٿو ته هڪ هلڪي ”ڪلڪ“ جو آواز ايندي آهي، جنهن ذريعي پتو پوندو آهي ته يو ايس بي اسٽِڪ جي ٻاهر نڪرڻ جو خطرو ناهي.
جيڪڏهن اهي ڪلپس نه هجن ته يو ايس بي ڊوائيس هر هر ڊِس ڪنڪٽ ٿيندي يا سولائيءَ سان ٻاهر نڪري ويندي.
ان ميڪنيڪل ڊيزائن ئي يو ايس بي کي عالمي معيار طور قائم رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.