ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ جو استعمال بنا سم ڪارڊ به ممڪن آهي؟
ها! جيڪڏهن توهان بنا ڪنهن فون نمبر يا سم جي واٽس ايپ استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ هڪ نه پر ڪيترائي طريقا ڪار موجود آهن.
جيتوڻيڪ اها حقيقت آهي ته واٽس ايپ کي بنا سم ڪارڊ جي استعمال ڪري سگهجي ٿو پر ان جي باوجود شروعاتي تصديق لاءِ توهان کي هڪ نمبر جي داخلا جي ضرورت پوندي پر ضروري ناهي ته اهو نمبر توهان جي موبائل ۾ موجود سم جو ئي هجي، توهان تصديق لاءِ لينڊ لائن نمبر، ورچوئل فون نمبر يا پوءِ ڪنهن ٻي ايڪٽيو سم رکندڙ ڊوائيس به استعمال ڪري سگهو ٿا.
هڪ ڀيرو واٽس ايپ ايڪٽيو ٿيڻ کان پوءِ توهان کي ايپ جو استعمال جاري رکڻ لاءِ سم ڪارڊ جي ضرورت نه پوندي ڇو ته ان کان پوءِ واٽس ايپ واءِ فاءِ يا ڪنهن به انٽرنيٽ ڪنيڪشن تي استعمال ڪري سگهجي ٿو
لينڊ لائن نمبر جو استعمال
توهان پنهنجو واٽس ايپ ايڪٽيو ڪرڻ لاءِ لينڊ لائين نمبر جو استعمال ڪري سگهو ٿا، ان لاءِ سڀ کان پهرين گوگل پلي يا ايپل اسٽور تان واٽس ايپ ڊائون لوڊ ڪريو، موبائل نمبر طلب ٿيڻ تي پنهنجو لينڊ لائين نمبر داخل ڪريو، هاڻ ايس ايم ايس تصديق ناڪام ٿيڻ جو انتظار ڪريو (ڇو ته توهان جو لينڊ لائين نمبر ايس ايم ايس پيغام وصول نه ٿو ڪري سگهي)
تصديقي ڪوڊ لاءِ ”call me“ جو آپشن چونڊيو، سيٽ اَپ مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوڊ داخل ڪريو، هڪ ڀيرو تصديق ٿيڻ کان پوءِ توهان پنهنجي لينڊ لائن نمبر ذريعي واٽس ايپ استعمال ڪري سگهندا.
ورچوئل فون نمبر جو استعمال
بنا سم جي واٽس ايپ استعمال ڪرڻ جو ٻيو طريقو ورچوئل نمبر آهي، اهي ورچوئل نمبر آن لائين ڪم ڪن ٿا ۽ انهن نمبرن ذريعي به توهان ايس ايم ايس ۽ ڪالون وصول ڪري سگهو ٿا.
Google Voice، TextNow، Dingtone ذريعي ورچوئل فون نمبر سروس ۾ سائن اپ ڪريو، هاڻ هڪ ورچوئل فون نمبر حاصل ڪري ان کي نوٽ ڪريو ۽ واٽس ايپ کولڻ کانپوءِ نوٽ ڪيل ورچوئل نمبر داخل ڪريو، تصديق واري ايس ايم ايس جو انتظار ڪريو (يا ايس ايم ايس جي تصديق ناڪام ٿيڻ تي ”call me” آپشن چونڊيو) واٽس ايپ ايڪٽيو ڪرڻ لاءِ حاصل ٿيل ڪوڊ داخل ڪريو ۽ بنا سم واٽس ايپ استعمال ڪريو.
دوست يا گهر ڀاتيءَ جي نمبر جو استعمال
جيڪڏهن توهان وٽ لينڊ لائين يا ورچوئل فون نمبر نه آهي ته پريشان نه ٿيو، توهان واٽس ايپ جي تصديق لاءِ ڪنهن دوست يا گهر ڀاتي جو نمبر به استعمال ڪري سگهو ٿا.
سڀ کان پهرين ڪنهن اعتماد جوڳي دوست يا مائٽ کان اجازت وٺو ته ڇا توهان تصديق لاءِ سندن فون نمبر استعمال ڪري سگهو ٿا، هاڻ پنهنجي ڊوائيس تي انسٽال ڪيل واٽس ايپ ۾ سندن نمبر داخل ڪريو،
ايس ايم ايس ذريعي تصديقي ڪوڊ اچڻ جو انتظار ڪريو ۽ پوءِ اهو ڪوڊ واٽس ايپ ۾ داخل ڪريو، واٽس ايپ جو استعمال شروع ڪريو پر ٻي تصديق کان بچڻ لاءِ ايپ کي ري سيٽ يا ٻيهر انسٽال ڪرڻ کان پاسو ڪريو.
جيڪڏهن توهان واٽس ايپ بنا سم استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا ته اهو طريقو سڀ کان ڪارائتو آهي، پر خيال رکو ته جيڪڏهن ڪنهن ٻي ڊوائيس تي ان نمبر جي ٻيهر تصديق ڪئي وئي ته توهان جو واٽس ايپ لاگ آئوٽ ٿي سگهي ٿو.
ٻي ڊوائيس تي واٽس ايپ ويب يا لنڪڊ ڊوائيسز ذريعي
واٽس ايپ لنڪڊ ڊوائيسز جو فيچر متعارف ڪرايو آهي، لنڪڊ ڊوائيسز فيچر تحت واهپيدار ڪيترين ئي ڊوائيسز کي (بنا سم جي سيڪنڊري ڊوائيس) هڪ ئي واٽس ايپ اڪائونٽ سان جوڙي سگهن ٿا.