لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا جي نوجوان بيٽر ميٿيو بريٽزڪي هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ هڪ انوکو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.
انگلينڊ خلاف ڪيريئر جي پنجين ون ڊي ميچ کيڏندڙ بريٽزڪي 85 رنسون ٺاهڻ بعد لاڳيتو پنج ففٽيون اسڪور ڪندڙ دنيا جو پهريون بيٽر بڻجي ويو.
بريٽزڪي هلندڙ سال فيبروري ۾ نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي ڊيبيو ڪيو ۽ 150 رنسون ٺاهيون. پوءِ هن پاڪستان خلاف 83، آسٽريليا خلاف ٽِين ميچ ۾ 57 ۽ چوٿين ميچ ۾ 88 رنسون اسڪور ڪيون.
هن وقت تائين هو پنهنجي مختصر ونڊي ڪيريئر ۾ جيڪو صرف پنج ميچن تي ٻڌل آهي ۾ مجموعي طور تي 463 رنسون ٺاهي چڪو آهي.
ان کان اڳ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر نوجوت سنگھه سِڌو 1987ع ۾ لاڳيتو چئن ون ڊي ميچن چار ففٽيون اسڪور ڪيون هيون.
واضح رهي ته ڏکڻ آفريڪا لارڊز جي تاريخي ميدان تي کيڏيل ٻي ون ڊي ميچ ۾ سخت مقابلي بعد انگلينڊ کي 5 رنسن تان هارائي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
ڏکڻ آفريڪا پهريان کيڏندي مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 330 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ميزبان انگلينڊ مقرر اورن ۾ 9 وڪيٽون وڃائي 325 رنسون ٺاهيون.
Next Post
You might also like