رينجرز منا ڊانسر کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رينجرز، ڪراچي جي علائقي مڇر ڪالوني مان شهرين جي اغوا ۾ ملوث بدنام ڏوهاري محمد نور عرف ”منا ڊانسر“ کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن جي قبضي مان غير ملڪي ڪرنسي ۽ هڪ عدد موبائيل فون هٿ آيو آهي.
رينجرز ترجمان موجب، گرفتار جوابدار خلاف جمشيد ڪوارٽرز ٿاڻي ۾ ڀنگ عيوض اغوا جو ڪيس داخل آهي.
14 آگسٽ تي جوابدار ۽ سندس ٻين ساٿين مزارِ قائد ويجهو 15 ورهين جي راشد بليدي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن ۾ سندس ست ساٿي رينجرز هٿان گرفتار ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو هو.
شروعاتي جاچ دوران جوابدار انڪشاف ڪيو آهي ته هو ڀنگ عيوض اغوا، پوليس مقابلن، قتل جي ڪوشش ۽ چوريءَ جي ڪيئي وارداتن ۾ ملوث آهي.
جاچ دوران جوابدار اِهو به قبوليو ته هو پنهنجي هڪ ساٿي محمد آصف ولد اڪبر سان گڏجي پهرين آگسٽ 2025 تي ڪراچي جي علائقي جمعه ڳوٺ، ابراهيم حيدري ڪورنگي مان هڪ 19 ورهين جي عورت کي اغوا ڪرڻ ۾ ملوث هو، جنهن جي فائل ابراهيم حيدري ٿاڻي ۾ داخل آهي.
جوابدار ڪراچي جي مختلف ٿاڻي ۾ ڪيئي ڪيسن ۾ ملوث آهي ۽ هو پهريان به ڪيترائي دفعا گرفتار ٿي چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.