ممبئيءَ ۾ ڌماڪن جي ڌمڪي، شهر ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي گادي واري شهر ممبئيءَ جي ٽريفڪ پوليس کي وٽس ايپ نمبر مليل ڌمڪي کانپوءِ شهر ۾ سڪيورٽي هاءِ الرٽ آهي.
پوليس موجب، ڌمڪيءَ واري پيغام ۾ ” لشڪر جهادي“نالي تنظيم جو ذڪر آهي، جنهن ۾ چيو ويو ته 14 پرڏيهي ممبئي ۾ داخل ٿي ويا آهن، جڏهن ته” آپگهاتي بمبارن “ سان ليس 34 گاڏيون ممبئيءَ ۾ موجود آهن ۽ اهڙا ڌماڪا ٿيندا جيڪي سڄي شهر کي ڌوڏي ڇڏيندا.
پيغام ۾ اهو به چيو ويو ته ڌماڪن لاءِ 400 ڪلو گرام آر ڊي ايڪس استعمال ڪيو ويندو.
ممبئي پوليس جو چوڻ آهي ته شهر ۾ سڪيورٽي وڌائي وئي آهي ۽ ڌمڪيءَ جو تفصيلي جائزو ورتو پيو وڃي.
ياد رهي ته 26 نومبر 2008ع تي ممبئي جي مختلف علائقن ۾ دهشتگرد حملن ۽ بم ڌماڪن ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿيا هئا، ڀارت انهن حملن جو الزام پاڪستان تي مڙهيو هو، پر پاڪستان هميشه اهڙن الزامن کي رد ڪندو رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.