ممبئي (ويب ڊيسڪ) نيٽ فلڪس تي نشر ٿيندڙ ” دي گريٽ انڊين ڪپل شرما شو“جي اهم ڪاميڊين ڪيڪو شاردا بابت افواهون گردش ڪري رهيون هئا ته هو ذاتي مصروفيتن سبب شو ڇڏڻ وارو آهي.
ڪجهه رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ڪيڪو جي ڪرشنا اڀيشڪ سان جهيڙي واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ئي هو شو ڇڏڻ جو فيصلو ڪري رهيو آهي.
پر شو جي جج ارچنا پورن سنگھه سڀ افواهون رد ڪندي چيو آهي ته ڪيڪو ڪنهن به جهيڙي جي ڪري شو نه پيو ڇڏي.
ٻئي پاسي ڪجهه ميڊيا رپورٽن ۾ڄاڻايو ويو آهي ته ڪيڪو شاردا ايمازون تي نشر ٿيندڙ نئون شو سائن ڪري ورتو آهي، جنهن سبب هو ڪپل شرما شو ڇڏي سگهي ٿو، پر ان حوالي سان ڪپل شرما جي ٽيم، ڪپل يا پاڻ ڪيڪو طرفان ڪا به تصديق يا ترديد سامهون ناهي آئي.
ياد رهي ته ماضيءَ ۾ بهڪرشنا اڀيشڪ، سنيِل گروور ۽ سمونا چڪرورتي به شو ڇڏي چڪا آهن، جن مان ڪرشنا ۽ سنيِل گروور واپس موٽي آيا ، جڏهن ته سمونا اڃا تائين ٽيم جو حصو ناهي.
You might also like