لنڊن (ويب ديسڪ) برطانيا جي نائب وزيراعظم ۽ حڪمران جماعت ليبر پارٽي جي ڊپٽي ليڊر انجيلا رينر پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، سندس استعيفيٰ ان وقت سامهون آيو جڏهن اِهو انڪشاف ٿيو ته هن اوڀر سسڪس واري علائقي ”هوو“ ۾ 8 لک پائونڊ ماليت جو فليٽ خريدڻ وقت اسٽامپ ڊيوٽي جي مڪمل ادائيگي نه ڪئي هئي.
اِهو معاملو سامهون اچڻ بعد ايشٽن انڊر لائين واري تڪ مان پارليامينٽ جي رڪن انجيلا رينر هلندڙ هفتي پاڻ وزيراعظم جي اخلاقي صلاحڪار اڳيان پيش ٿي.
جتي هن چيو ته هوءَ ان ڪوتاهي جي مڪمل ذميواري قبول ڪري ٿي ۽ مڃي ٿي ته فليٽ خريداري واريا معاملي ۾ وڌيڪ ٽيڪس ڏيڻ بابت ڏنل مشوري تي عمل نه ڪرڻ سندس غلطي هئي.
اخلاقي صلاحڪار جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نائب وزيراعظم انجيلا رينر ظابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ کيس جيڪا قانوني صلاح کي نظرانداز ڪيو ويو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هي هڪ سنگين معاملو آهي ۽ اعتراف ڪرڻ بعد هاڻي نائب وزيراعظم لاءِ پنهنجن عهدن تي برقرار رهڻ وڌيڪ مشڪل ٿي ويو .
جنهن کانپوءِ انجيلا رينر حڪومت ۽ پنهنجي پارٽي جي هڙني عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
ليبر پارٽي جي سربراهه ۽ وزيراعظم ڪير اسٽارمر هڪ خط ۾ چيو ته هوءَ حڪومت ڇڏڻ تي ” ڏاڍي ڏکويل“ آهي.“
ان باوجود وزيراعظم اسٽارمر عزم ورجايو ته رينر مستقبل ۾ به پارٽي جي هڪ ”اهم شخصيت“ رهندي.
Prev Post
You might also like