اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته اسان جا عهديدار هٽايا پيا وڃن، اهڙي صورتحال ۾ ڳالهه ٻولهه ڪيئن ڪريون؟
پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته پاڪ فوج ملڪ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، ملڪ جو دفاع ڪيو آهي، جنگ کٽي آهي، جنهن کي قدر سان ڏسون ٿا.
هن چيو ته هر ڪنهن جي مدت جو تعين آئين موجب ٿيڻ گهرجي، اسان نه ته ان قانون سازي کي چئلينج ڪيو آهي ۽ نه ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا، 2030 تائين پلان ٺاهڻ جي ڳالهه آهي ته پلان ته سڀ ڪندا آهن، ڏسئون ٿا ته ڇا ٿو ٿئي.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ٻوڏ واري صورتحال ۾ سڀني سياسي جماعتن کي سياست ۽ صوبائيت کان هٽي ڪري گڏجي متاثرن جي مدد ڪرڻي آهي. پنجاب حڪومت کي به چوان ٿو ته گڏجي متاثرن سان سهڪار ڪري.
بئريسٽر گوهر چيو ته خيبرپختونخوا حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، مان به ايندڙ سومر کان متاثر علائقن جو دورو ڪندس ۽ بونير ۾ متاثرن سان گڏ هوندس.
سندس چوڻ هو ته اسان جا اپوزيشن ليڊر عهدي تان هٽايا ويا آهن، ميمبرن کي نااهل ڪيو پيو وڃي، اهڙي حالتن ۾ ڳالهه ٻولهه ڪيئن ممڪن آهي؟
هر ڪنهن جو مدو آئين تحت مقرر هئڻ گهرجي، 2030 تائين پلاننگ جون ڳالهيون هلن پيون: بئريسٽر گوهر
You might also like