لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پنجاب ۾ تازي ٻوڏ دوران مريم نواز شريف جون ڪوششون تسليم ڪرڻيون پونديون، پنجاب وزيراعليٰ ڏکئي وقت ۾ صفِ اول جو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هوءَ تمام گهڻي محنت ڪري رهي آهي.
پنجاب جي ٻوڏ متاثر ضلعن جي دوري دوران بلاول ڀٽو زرداري قصور پهتو، جتي هارين کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٻوڏ جهڙي آفت جو مقابلو نه ڪا صوبائي ۽ نه ئي مقامي حڪومت اڪيلي سر ڪري سگهي ٿي، ان لاءِ وفاق کي وڌيڪ سهڪار ڪرڻو پوندو.
بلاول جو چوڻ هو ته پنجاب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، هتي پهچڻ کان پوءِ اندازو ٿيو آهي ته تباهي ڪيتري وڏي آهي، وفاق کي اپيل ڪريان ٿو ته زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي ۽ آبادگارن کي ٻج ۽ ڀاڻ ۾ سبسڊي ڏني وڃي.
هن چيو ته پنجاب ۾ آبادگارن کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، زرعي معيشت تباهه ٿي وئي آهي، جڏهن ته زراعت اسان جي معيشت لاءِ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي.
بلاول ڀٽو زرداري مقامي آبادگارن کي خاطري ڪرائي ته بجلي ۽ قرضن جي سهولت بابت هو وزيراعظم شهباز شريف سان ڳالهائيندو ۽ اميد آهي ته وزيراعظم ان معاملي تي غور ڪندو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي سياست ۾ هڪ عادت بڻجي وئي آهي ته ماڻهو فوري طور تنقيد شروع ڪري ڇڏين ٿا، پيپلز پارٽي جي نمائندن کي چيو آهي ته ڏکئي وقت ۾ پنجاب حڪومت جو ساٿ ڏين، اسان رليف ۽ بحالي وارن مرحلن ۾ صوبائي حڪومت سان گڏ بيٺا آهيون.
بلاول چيو ته اسان وزيراعظم شهباز شريف کان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وسيلي ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي درخواست ڪنداسين.
هن چيو ته پهريون مرحلو ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ آهي، بحالي دوران ماڻهن جي گهرن ۽ ڪاروبار کي ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويندو ۽ اميد آهي ته ان جو ازالو پڻ ڪيو ويندو.
پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته اسان جي صوبائي حڪومت سنڌ ۾ 20 لک گهرن جي اڏاوت جو منصوبو شروع ڪيو، جيڪو وفاقي سپورٽ کانسواءِ ممڪن نه هو. وفاقي حڪومت ۾ رهندي اسان عالمي برادري ۽ مالي ادارن سان ڳالهايو ۽ اهو منصوبي کي ممڪن بڻايو.
ٻوڏ پنجاب کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو، هتي اچي اندازو ٿيو ته ڪيڏي وڏي تباهي ٿي آهي: بلاول ڀٽو زرداري
You might also like