ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته جيڪڏهن اولهه جا فوجي دستا يوڪرين ۾ موڪليا ته اهي روسي حملي جو قانوني هدف هوندا.
ايسٽرن اڪنامڪ فورم کي خطاب ڪندي روسي صدر چيو ته امن معاهدي جي صورت ۾ يوڪرين ۾ اولهه وارن فوجي دستن جي مقرريءَ جو ڪو جواز ناهي، پر جيڪڏهن پرڏيهي فوجي دستا يوڪرين ۾ آيا ته اهي روسي حملي جو جائز نشانو بڻبا.
پيوٽن جو چوڻ هو ته روس يوڪرين سان ٿيل معاهدن جي پاسداري ڪندو ۽ ڳالهين لاءِ به تيار آهي، پر هاڻوڪي حالتن ۾ اهي ڳالهيون بي معنيٰ نظر اچن ٿيون.
هن وڌيڪ چيو ته يوڪرين سان ڳالهين لاءِ بهترين جاءِ ماسڪو آهي، يوڪرين جي قيادت ماسڪو اچي، اسان کين سيڪيورٽي ڏينداسين.
ياد رهي ته فيبروري 2022 کان جاري روس-يوڪرين جنگ ۾ ٻنهي ملڪن جا لکين فوجي ۽ شهري مارجي ۽ زخمي ٿي چڪا آهن.