هر ريلوي اسٽيشن تي مڪي، مديني وانگر صفائي ڪندڙ مشيون لڳايون آهن: حنيف عباسي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو آهي ته مختلف ريلوي اسٽيشنزا تي اهڙيون صفائي سٿرائي واريون مشينون لڳايون ويون آهن، جهڙيون مڪي ۽ مديني ۾ استعمال ٿين ٿيون.
سندس هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ کيس اِهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته هر ريلوي ڊويزن ۾ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪو بنا ٽڪيٽ سفر ڪندو ۽ جيڪو سفر ڪرائيندو، ٻئي جيل ويندا.
وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ريلوي ۾ مفت خوري وارو ڪلچر ختم ڪيو ويو آهي، ماضي ۾ 4 يا 6 ٽڪيٽ گهرن جو رواج هو، پر هاڻي اهو سلسلو نه هلندو.
هڪ واقعي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته هڪ واقف ٽڪيٽ لاءِ رابطو ڪيو ته مون کيس چيو ويهه هزار رپيا ڏيو ۽ پاڻ وڃي ٽڪيٽ وٺي، هاڻي اهو طريقو نه هلندو ته وزير يا چيئرمين جي گهر مان فون اچي ۽ ٽڪيٽون ڏنيون وڃن.
حنيف عباسي موجب، سنڌ حڪومت سان سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جو معاهدو ڪيو پيو وڃي ته جيئن واشنگ لائين ۾ گاڏين جي سٺي نموني صفائي ٿي سگهي.
وفاقي وزير جو چوڻ هو ته هاڻي خانيوال، لاهور، ملتان، اوڪاڙا ۽ راولپنڊي جي ريلوي اسٽيشنن تي اهڙي صفائي ملندي، جيڪا مڪي ۽ مديني ۾ مشينن سان ٿيندي آهي، اتي مٽي نظر ناهي ايندي، واش روم صاف ملندا ۽ اسٽيشن به سٺي حالت ۾ نظر ايندا.
هن وڌيڪ چيو ته هڪ وقت هو جڏهن پنڊي کان لاهور تائين ريل گاڏي جو وڏو نالو هوندو هو، پر هاڻي ان جو ٻيڙو ٻُڏي ويو آهي. خانيوال کان لاهور تائين اسان جو نهايت ئي منافعي بخش روٽ آهي، جنهن لاءِ نيون ڪوچز آنديون پيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.