مريم نواز ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو، لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا.
وزيراعليٰ وزير مريم نواز جي صدارت هيٺ ٻوڏ متاثرن جي بحالي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل عملدار شريڪ ٿيا.
اجلاس ۾ مريم نواز ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ گڏيل پئڪيج طلب ڪندي اربن يونٽ، بورڊ آف روينيو ۽ ٻين کاتن کي بحالي پئڪيج لاءِ ترت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.
مريم نواز متاثرن جي مسئلن تي غور ڪرڻ جو حڪم ڏيندي بحالي پئڪيج ۾ امدادي رقم وڌائڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته متاثرن جي بحالي بابت سروي جلد مڪمل ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.
اجلاس ۾ سروي لاءِ شفاف ترين طريقيڪار جوڙڻ جي هدايت ڪئي وئي، جڏهن ته ڊجيٽل ريڪارڊنگ به ٿيندي، جنهن لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.
وزير اعليٰ اجلاس ۾ ٻوڏ متاثر هارين لاءِ به بحالي پروگرام جوڙڻ جو حڪم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.