سنڌ ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي، هيٺاهين وارا علائقا ٻڏڻ جو خدشو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي 7 کان 10 سيپٽمبر دوران سنڌ ۾ وقفي وقفي سان تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب هوا جو گهٽ دٻاءُ هن وقت ڀارتي رياست مڌيا پرديش ۾ آهي، جيڪو 6 سيپٽمبر تي راجسٿان سان لاڳاپيل سنڌ جي علائقن تائين پهچڻ جو امڪان آهي، ان سسٽم تحت سنڌ ۽ پنجاب جي اوڀر علائقن ۾ 6 سيپٽمبر کان تيز چوماسي هوائون داخل ٿيڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 7 کان 10 سيپٽمبر دوران ٿرپارڪر، مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگر پارڪر، ڇاڇري، ڏيپلي، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، سانگهڙ، خيرپور، شهيد بينظير آباد، مٽياري، ٽنڊي الهيار، ٽنڊي محمد خان، حيدرآباد، ٺٽي، بدين، سجاول، ڄامشوري، دادو، ڪشمور، سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ ڪراچي ۾ برسات جو امڪان آهي.
تيز برساتن سبب ڪراچي سميت مختلف شهرن جا هيٺاهين وارا علائقا ٻڏڻ جو خدشو آهي.
موسميات کاتي چيو آهي ته 6 کان 8 سيپٽمبر دوران اسلام آباد، راولپنڊي سميت پنجاب ۽ بلوچستان جي به ڪيترن ئي ضلعن ۾ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته برسات سبب پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.