عليما خان تي آنن سان حملو ڪندڙ عورتن بابت تفصيل سامهون اچي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي پوليس جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان تي آنو اُڇلائيندڙ عورتن جو تعلق به پي ٽي آءِ سان آهي.
واضح رهي ته عليمه خان اڄ اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي، ان دوران مٿس آنن سان حملو ڪيو ويو، جن مان هڪ آنو کيس منهن تي لڳو، ان کانپوءِ پارٽي ڪارڪنن گوڙ ڪيو ۽ پوليس ٻن ڇوڪرين کي پڪڙي اڊيالا چوڪي منتقل ڪري ڇڏيو.
راولپنڊي پوليس جي ترجمان موجب، آنو اُڇلائيندڙ عورتن جو تعلق پي ٽي آءِ سان آهي.
هن وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواهه مان آل گورنمينٽ ايمپلائز گرينڊ الائنس ۽ ايپڪا جا ماڻهو احتجاج لاءِ آيا هئا، عورتن جي سوالن تي عليمه خان طرفان جواب نه ڏيڻ تي اِهو واقعو پيش آيو.
ترجمان موجب، واقعي ۾ ملوث عورتن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.