ضرورت پئي ته ٻين ملڪن ۾ موجود ڏوهي گروهن کي به ”تباهه“ ڪري ڇڏينداسين:آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته ضرورت پئي ته ٻين ملڪم ۾ موجود ڏوهي گروهن کي به ”تباهه“ ڪري ڇڏينداسين ۽ ان لاءِ ٻين ملڪن جي مدد به ورتي ويندي.
ايڪواڊور جي دوري دوران ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته هو ٻين ملڪن تي زور ڏئي ٿو ته آمريڪا سان سهڪار ڪن ته جيئن اهڙن گروهن کي ” تباهه“ ڪري سگهجي.
ان موقعي تي آمريڪي پرڏيهي وزير ايڪواڊور جي ٻن وڏن ڏوهي گروپن تي پابنديون لڳائڻ جو به اعلان ڪيو.
هي بيان ان وقت سامهون آيو آهي، جڏهن آمريڪي فورسز اڱاري تي ڪيريبيئن سمنڊ ۾ هڪ ٻيڙيءَ کي نشانو بڻايو هو.
وائيٽ هائوس موجب، ٻيڙيءَ ۾ منشيات سمگل ڪندڙ 11 ماڻهو مارجي ويا هئا، جڏهن ته اڃا تائينا سندن سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي وئي.
بي بي سي موجب، قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا جي هيءَ ڪارروائي بين الاقوامي انساني حقن ۽ سامونڊي قانون جي ڀڃڪڙي ٿي سگهي ٿي.
ٻئي پاسي خميس جي رات دير سان آمريڪي بچاءُ واري کاتي( پينٽاگون) وينزويلا جي ٻن فوجي جهازن تي الزام هنيو ته اِهي هڪ آمريڪي جهاز جي ويجهو اُڏام ڪري رهيا هئا.
پينٽاگون موجب” اِهو انتهائي چڙ ڏياريندڙ قدم اسان جي دهشتگردي جي خاتمي ڪاررواين ۾ رنڊڪ کڙي ڪرڻ لاءِ کنيو ويو“
هوڏانهن وينزويلا طرفان اڃا تائين آمريڪا جي ان دعويٰ جو ڪو جواب نه ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.