ٽرمپ جي ” پينٽاگون“ کي ” جنگ وارو کاتو “ نالو ڏيڻ ڪوشش

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جمعي ڏينهن هڪ انتظامي حڪم نامي تي دستخط ڪندو، جنهن تحت دفاع واري کاتي يعني ”پينٽاگون“ جو نالو تبديل ڪري ”جنگ وارو کاتو“ رکيو ويندو.
اهڙي قدم سان 1940ع واري ڏهاڪي ۾ هن اداري تي رکيل اصل نالو ٻيهر بحال ٿي ويندو صدر ٽرمپ جي هن حڪم نامي جو مقصد ”طاقت ۽ عزم جو اظهار ڪرڻ“ آهي.
واضح رهي ته ايگزيڪيوٽو کاتن جي جوڙجڪ جي ذميواري آمريڪي ڪانگريس تي هوندي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته کاتي جو نالو قانوني طور تبديل ڪرڻ لاءِ انهن جي شموليت ضروري آهي.
وائيٽ هائوس اڃا تائين اهو ناهي ٻڌايو ته نالي جي مستقل تبديليءَ جي ان عمل تي ڪيترو خرچ ايندو، پر آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ان معاملي ۾ سوين ايجنسين، علامتن، اي ميل ايڊريسز ۽ يونيفارمن جي تبديليءَ تي اربين ڊالر خرچ ٿيندا.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”جنگ وارو کاتو“ جو نئون نالو ”دفاع واري کاتي“ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط پيغام ڏئي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.