رٽائرمينٽ جي چئن ورهين بعد روز ٽيلر جي عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي، نيوزيلينڊ لاءِ نه کيڏندو!

تجزيو: سرمد سولنگي

روز ٽيلر جو نانءُ خاص ڪري هن ديس جي مخصوص طبقي لاءِ ڪو اوپرو نه هوندو؟، جيڪڏهن پوءِ به ڪنهن کي اِهو نالو اوکو لڳي ته منهنجي کين صلاح آھي ته گوگل تي وڃي رڳو اِھو لکن ”آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ 2011ع پاڪستان ورسز نيوزيلينڊ“، پوءِ کين پتو پئجي ويندو ته روز ٽيلر ڪهڙي بَلا هو.
سو ان ئي روز ٽيلر بابت اڄ پرهه ڦٽيءَ مهل مون خبر پئي پڙھي ته هو 41 ورهين جي عمر ۾ عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ پَرَ ساھي رهيو آهي،.پر هن واري هو بليڪ ڪيپس بدران پنهنجي امڙ جي اباڻي وطن ”ساموا“ لاءِ کيڏندي نظر ايندو.
ھتي اِھو واضح ڪندو ھلان ته ٽيلر نيوزيلينڊ لاءِ پنهنجي شاندار ڪيريئر دوران 450 ميچون کيڏيون، جن ۾ هن 18199 رنسون ٺاهيون،
ان ۾ 40 کن سينچريون پڻ شامل آهن.
هن 2021 ۾ آخري ڀيرو ڪيويز جي نمائندگي ڪئي هئي ۽ پوءِ رٽائر ٿي ويو.
پر آءِ سي سي جي قانونن تحت هاڻي هو ساموا لاءِ کيڏڻ جو اهل ٿي ويو آهي ۽ اهو موقعو کيس هڪ نئين سڃاڻ سان ميدان ۾ واپس آڻي رهيو آهي.
ان ڏس ۾ ٽيلر پنهنجي انسٽاگرام پيغام ۾ لکيو ته”هي رڳو ڪرڪيٽ ۾ واپسي نه پر پنهنجي پاڙُن، ورثي، ثقافت، ڳوٺ ۽ خاندان جي نمائندگي ڪرڻ مون لاءِ فخر جوڳو لمحو آهي، مان پرجوش آهيان ته راند کي ڪجهه واپس ڏئي سگهندس ۽ نوجوانن سان پنهنجو تجربو ونڊي سگهندس، ٻيهر ميدان ۾ لهڻ جو وقت اچي ويو آهي.“
هن پنهنجي فيصلي بابت وضاحت ڪندي چيو ته”هيءُ فيصلو ذاتي طور به ڏاڍو اهم هو، ڇاڪاڻ ته گذريل سال منهنجي امڙ لوٽي لاڏاڻو ڪري ويئي ھئي، هن شروع کان ئي مون کي پنهنجي ثقافت ۽ ساموَن ٻوليءَ سان ڳنڍي رکيو ھو، اهو ئي ڪارڻ آهي جو اڄ مان پنهنجي ماءُ جي خواب کي ساڀيان جو روپ ڏيڻ ٿو چاهيان، ساموا لاءِ کيڏندي مون کي پنهنجي سامون سرداري لقب ’لياءِ پَي پَي لوٽرو ٽيلر‘ سان سڏيو ويندو.“

ڇا ٽيلر جي واپسي ساموا ڪرڪيٽ لاءِ ھاڪاري ھوندي؟
ساموا ڏکڻ پيسفڪ سمنڊ ۾ هڪ آزاد ملڪ آهي، جيڪو ٻن وڏن ٻيٽن اوپولو ۽ ساوائي سان گڏ ڪيترن ننڍن ٻيٽن تي ٻڌل آهي، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ”اپيا“ آهي.
ساموا کي اڳ ۾ ”وسٽرن ساموا“ چيو ويندو هو ۽ ان 1962ع ۾ نيوزيلينڊ کان آزادي ماڻي، هتان جي آبادي اٽڪل 2 لک آهي، ۽ گهڻا ماڻهو ساموَن ٻولي سان گڏ انگريزي پڻ ڳالهائين ٿا.
ان کانسواءِ ساموا پنهنجي خوبصورت سامونڊي ڪنارن، ثقافتي ورثي ۽ مهمان نوازي لاءِ مشهور آهي.
جيتوڻيڪ ساموا ڪرڪيٽ اڃا تائين ڪنهن به ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ناهي ڪئي، پر هاڻي عُمان ۾ ٿيندڙ ايشيا-پيسفڪ ريجنل فائنل ۾ هو نون ٽيمز سان گڏ ڪواليفاءِ جي ڊوڙ ۾ شامل ھوندو.
هن ٽورنامنٽ ذريعي ٽاپ ٽي ٽيمون ايندڙ سال ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون، گروپ مرحلي ۾ ساموا جو مقابلو ميزبان عُمان ۽ پاپوا نيوگني سان ٿيندو.
ٽيم جي آل رائونڊر شان سوليا روز ٽيلر جي شموليت کي تاريخي قرار ڏنو ۽ چيو ته ”هن جهڙي ليجنڊ سان ڊريسنگ روم شيئر ڪرڻ منهنجي ڪيريئر جو سڀ کان وڏو لمحو هوندو، هو سدائين اسان لاءِ رول ماڊل رهيو آهي ۽ پيسفڪ ورثي سان لاڳاپيل رانديگرن لاءِ هڪ مثال بڻيو آهي.“

ماضيءَ جا مشهور رانديگر جن ٽيمون مَٽايون
هي پهريون ڀيرو ناهي جو ڪنهن وڏي رانديگر ساموا لاءِ کيڏڻ جو فيصلو ڪيو هجي.
ان کان اڳ نيوزيلينڊ جو ئي اڳوڻو فاسٽ بولر مرفي سوا 2012 ۾ ساموا جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، جڏهن ته آل بليڪ اوفي سا تونوا به 2019 ۾ ساڳيو قدم کنيو ھو.
ٻئي پاسي ويجهڙائيءَ ۾ ئي اڳوڻي آسٽريلوي اوپنر جو برنز اٽليءَ لاءِ کيڏندي ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز ۾ حصو ورتو.
ان کانسواءِ ساموا اسڪواڊ ۾ ڊيريس وِسر به شامل آهي، جنهن گذريل سال وانواتو خلاف هڪ اوور ۾ 39 رنسون ٺاهي ڪرڪيٽ ڪرڪيٽ پريمين کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون ھيون.
بهرحال ٽيلر جي ھيءَ واپسي نه رڳو سندس ڪيريئر جو نئون باب آهي پر ساموا ڪرڪيٽ لاءِ به هڪ تاريخي موقعو آهي.
جيڪڏهن هو پنهنجي مهارت ۽ تجربو نوجوان رانديگرن تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ويو ته ممڪن آهي ساموا پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي وٺي.
پر مون کي ٽيلر جي فيصلي انڪري به متاثر ڪيو آھي جو ھيءَ هڪ رانديگر لاءِ ڪرڪيٽ کان به وڌيڪ پنهنجي پيڙهه ۽ پاڙُن سان جڙڻ جي ڪهاڻي آهي، جيڪا ايندڙ نسلن لاءِ هڪ مثال بڻجي سگهي ٿي ته ڪڏهن به جنم ڀوميءَ کي نه وسارڻ گهرجي، ڀلي توھان ڪنهن به منزل تي رسي وڃو، پر هميشه پنهنجي ديس جي مٽيءَ سان جڙيل رھو…ڇو ته مٽي ئي اول آھي ۽ مٽي ئي آخر آھي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.