ٻوڏ صورتحال بابت سنڌ سرڪار جو اهم اجلاس:” جيڪي ماڻهو پنهنجا اجها ڇڏيون پيا اچن تن جي خاص خيال رکو“ وڏو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان کي ست کان نو لک ڪيوسڪ پاڻي جي وهڪري واري صورتحال لاءِ تيار رهڻو پوندو، 8 سيپٽمبر تي گڊو بئراج وٽ پاڻي جو وهڪرو پنهنجي عروج تي هوندو، ٻوڏ دوران تيارين، رليف ڪئمپن جو قيام ۽ خطرناڪ قرار ڏنل علائقن مان ماڻهن جي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقلي کي يقيني بڻايو وڃي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ جمعي ڏينهن سيلابي صورتحال بابت اهم اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، محمد علي ملڪاڻي، ڄام اڪرام الله ڌاريجو، مخدوم محبوب الزمان، سي ايم جو سيڪريٽري عبدالرحيم شيخ، سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ڪاظم جتوئي، سيڪريٽري ماحوليات زبير چنا، سيڪريٽري ريهبليٽيشن اختر بگٽي، ڊي جي پي ڊي ايم اي سنڌ سلمان شاهه ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا.
ان موقعي تي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري ۽ سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو سنڌ ۾ دريائن ۽ بئراجن ۾ پاڻي جي موجوده صورتحال بابت وڏي وزير کي بريفنگ ڏني.
ان کانسواءِ ريهبليٽيشن مخدوم محبوب الزمان ۽ ڊي جي پي ڊي ايم اي سنڌ سلمان شاهه امدادي قدمن بابت بريفنگ ڏني.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ جي مختلف هنڌن تي 528 رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن، ۽ هڪ لک نَو هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪچي کان پَڪي وارن علائقن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڃا تائين قائم ڪيل ڪئمپن ۾ ماڻهن جي آمد شروع نه ٿي آهي.
اجلاس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 169 ميڊيڪل ڪئمپن ۾ 27 هزار کان وڌيڪ مريضن کي طبي سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن، جڏهن ته چوپائي مال لاءِ 110 ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن، جتي ست لک 54 هزار کان وڌيڪ جانورن کي ويڪسينيشن ڏني وئي آهي.
اجلاس دوران وڏي وزير چيو ته صوبو ايندڙ ڏينهن ۾ ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏئي سگهي ٿو.
هن چيو ته ”اسان کي ست کان نو لک ڪيوسڪ پاڻي جي وهڪري واري صورتحال لاءِ تيار رهڻو پوندو، 8 سيپٽمبر تي گڊو بئراج وٽ پاڻي جو وهڪرو پنهنجي عروج تي هوندو.
سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ٻوڏ دوران تيارين، رليف ڪئمپن جي قيام ۽ خطرناڪ قرار ڏنل علائقن مان ماڻهن جي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقلي کي يقيني بڻايو وڃي.
وڏي وزير ڊويزنل ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته عوام کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
هن چيو ته جيڪي ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي اچي رهيا آهن، انهن جو ڀرپور خيال رکيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.