گلگت: رِڇ حملو ڪري گلوڪارا قرت العين بلوچ کي ڌَڪي ڪري وڌو

اسڪردو (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني گلوڪارا قرت العين بلوچ ديوسائي نيشنل پارڪ ۾ ڪيمپنگ دوران ڀوري رِڇ جي حملي ۾ زخمي ٿي پئي.
گلوڪارا جي ويجهن ذريعن موجب، واقعو گذريل رات پيش آيو، جنهن سبب کيس ٻانهن تي زخم رسيا، جڏهن ته هاڻ سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي، شروعاتي طبي امداد بعد کيس اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو ۽ هوءَ اسڪردو ۾ ئي موجود آهي.
گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان فيض الله فراق موجب، گلوڪارا کي زخمي حالت ۾ ريسڪيو ڪري اسڪردو اسپتال نيو ويو، جتي کيس طبي امداد فراهم ڪئي وئي.
واقعي کانپوءِ حڪومت ديوسائي ۾ رات جي وقت ڪيمپنگ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، هاڻي ڪو به سياح اتي رات جو ڪيمپنگ نه ڪري سگهندو، اهو فيصلو حفاظتي قدمن تحت ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته نانگا پربت ۽ هماليه جابلو سلسلي جي وچ ۾ موجود ديوسائي نيشنل پارڪ 3 هزار ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي، جيڪو ڪيترن ئي ناياب جانورن جي پناهه گاهه آهي، جن ۾ ڀورا رِڇ پڻ شامل آهن.
گذريل ڪجهه عرصي دوران گلگت بلتستان ۾ سياحت ۽ ڪيمپنگ جو لاڙو وڌيو آهي، جڏهن ته گلوڪارا قرت العين بلوچ ٻه ڏينهن اڳ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي اسڪردو ۾ ترسڻ بابت پوسٽ به شيئر ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.