گولاڙچي(رپورٽ: عيدن زندپور)گولاڙچي ۾ انٽيليجنس بيورو ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايگريڪلچر ايڪسٽينشن بدين امتياز علي ڀٽو پنهنجي عملي سان گڏ هڪ اهڙو ڪارخانو پڪڙيو، جتي پنجاهه هزار کان وڌيڪ يوريا ڀاڻ جا بيگ ذخيرو ڪيا ويا هئا. اها وڏي مقدار ۾ ڀاڻ ڪنهن عام ماڻهو جي نه، پر بااثر شخص بلاول قائمخاني جي گودام مان هٿ آئي، جيڪو بنا لائسنس جي اهڙو وڏو ذخيرو ٺاهي ويٺو هوايگريڪلچر آفيسر امتياز علي ڀٽو جو چوڻ هو ته، مون کي خدشو آهي ته اهڙي غير قانوني ذخيريبازي سان ڀاڻ کي اڳتي هلي بليڪ مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيو وڃي ها، جنهن سان غريب هارين کي سخت نقصان پهچي ها. اسان ڪنهن به سيٺ يا بااثر ڊيلر کي هرگز اجازت نه ڏينداسين ته هو عوام سان زيادتي ڪري گولاڙچي جي هارين ۽ عام ماڻهن ۾ اها خبر ٻڌي سڪون اچي ويو ته آخرڪار اهڙن مافيا خلاف سخت قدم کنيا پيا وڃن.