نوابشاهه /سڪرنڊ(نمائندا) پاڪستان جي خاتون اول ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر آصفا ڀٽو زرداري نوابشاهه، مڊ بنگلو ۽ مڊ منگلي ۾ ايس ايم بند جا مختلف هنڌن جا دورا ڪري امدادي ڪيمپن ۽ حفاظتي انتظامن جو جائزو ورتو. ساڻس گڏ صوبائي صحت واري وزير عذرا فضل پيجوهو ۽ قومي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه پڻ موجود هئا. آبپاشي کاتي4 آصفا ڀٽو کي ٻڌايو ته درياهه جي دٻاءَ کي گهٽائڻ لاءِ ٽي اسپُر ۽ ٻيا حفاظتي ڍانچا ٺاهيا ويا آهن، جڏهن ته بند تي مشينري ۽ پٿر موجود آهن ته جيئن ڪنهن به امڪاني گهاري کي بند ڪري سگهجي. ريسڪيو 1122 وٽ بوٽ، لائف جيڪٽ ۽ ٻيو ايمرجنسي سامان تيار آهي. ميڊيڪل ڪيمپ ۾ روزانو لڳ ڀڳ 80 مريضن جو علاج ٿي رهيو آهي. آصفا ڀٽو چيو ته امڪاني سيلاب لاءِ اثرائتا منصوبا، نگراني ۽ ادارن وچ ۾ هم آهنگي لازمي آهي. شهري به احتياطي اپاءَ اختيار ڪن ۽ جيڪڏهن انتظاميا نڪرڻ لاءِ چوندي ته ان تي عمل ڪن، ڇو ته زندگي سڀ کان قيمتي آهي.