سکر-ملتان موٽروي تان هٿياربندن 10 مسافر اغوا ڪري ورتا

اوٻاوڙو (عبدالحئي ڇڄڻ) رحيميار خان ضلعي ۾ ڏوھارين جون وڌندڙ ڪاروايون سيڪيورٽي تي وڏو سوال بڻجي ويون آهن. صادق آباد لڳ نواز آباد وٽ سي پيڪ سکر-ملتان موٽروي تي هٿياربندن رات دير سان اوچتو ڪاهه ڪري مسافر گاڏين مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ شروع ڪئي. فائرنگ ۾ هڪ ڊرائيور سميت ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿيا، زخمين ۾ عمران يوسف آرائين، عمر فاروق آرائين ۽ عبدالمجيد شامل آهن. جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو. هٿياربندن وڌيڪ ڪاروائي ڪندي نواب شاهه، بهاولپور، ڪنڌڪوٽ ۽ ميان والي جا رهواسي سميت ڏهه مسافر اغوا ڪري آساني سان ڪچي ڏانهن فرار ٿي ويا. مغوين ۾ علي حسن (ڪنڌڪوٽ)، شوڪت علي بلوچ (ميان والي)، علي حسن اعواڻ (ميان والي)، عمران يوسف آرائين ۽ عمر فاروق آرائين (نوابشاهه)، عبدالمجيد (بهاولپور) سميت ٻيا مسافر شامل آهن. اکين ڏٺن شاهدن موجب حملي آورن وٽ وڏيون موٽرسائيڪلون ۽ هڪ پڪ اپ هئي، جن روڊ بلاڪ ڪري لڳ ڀڳ 20 منٽ تائين ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران مسافرن ۾ خوف حراس پکڙجي ويو. ڪيترن گاڏين جا ٽائر برسٽ ٿيا ۽ ڪيترائي مسافر گاڏيون ڦيرائي واپس هليا ويا. اطلاع تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پهتا، علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو، پر ڪو به ڏوهاري گرفتار نه ٿي سگهيو. مقامي شهرين چيو ته سي پيڪ جهڙي قومي شاهراهه تي اهڙا حملا سيڪيورٽي ادارن جي ڪارڪردگي تي وڏو سوال آهن. هنن مستقل چيڪ پوسٽون قائم ڪرڻ ۽ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. پوليس ترجمان چيو آهي ته ڏوهارين کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، گشت وڌايو ويو آهي ۽ وڌيڪ نفري مقرر ڪئي پئي وڃي ته جيئن اهڙا المناڪ واقعا ٻيهر نه ٿين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.