سڀ کان پهريان ته وزير اعلي مراد علي شاھ جي گذريل ڏينهن جي بيان کي پڙھو؟ڇو ته ان بيان کي اخبارن وارن هيئن لکيو آھي.!!ان بيان جي ٻئي رخ ۽ انداز کي جيڪڏهن ٺھڪندڙ ۽ سنڌ ۾ وزير اعلي جي تبديلي واري پس منظر ۾ پڙھندا ته به ڳالھه ڄڻ ته واضع ۽ چٽي ٿي سامهون ٿي بيهي… وري انهي خبر سان گڏ لڳل تصوير کي به غور سان ڏسو ته تصوير جو رخ انداز ۽ تاثر ۽ بيهڪ ته سيد مراد علي شاھ ۽ سيد ناصر شاھ جي وچ ۾ ڪيڏي وڏي وٿي نظر اچي ٿي…
وزير اعلي سان وفاقي وزير جي ملاقات،صوبائي وزير علي حسن زرداري،شرجيل ميمڻ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.حيدرآباد – سکر موٽروي نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪندو،ٽرئفڪ مسئلن مان جان ڇٽندي.مراد علي شاھ…
سيد مراد علي شاھ ۽ سندس والد اڳوڻي وزير اعلي سنڌ ۾ ھڪ اهڙي هڪ جهڙائي آھي جيڪا کين کي وڏ وزارت تائين وٺي آئي.اها هڪ جهڙائي ته هو سياسي انتظامي يا شخصي فيصلن ڪرڻ ۾ دير ناهن ڪندا.مطلب ته سولي ۽ سادي ٻولي هو Then and There ڪري ڏيڻ کي صفت طور پاڻ وٽ رکڻ جو فن رکن ٿا/رکندو هو.
ان نموني وري سيد قائم علي شاھ ۽ سيد خورشيد احمد شاھ ۽ سيد ناصر حسين شاھ تائين توهان سياسي ۽ هنن جي ذاتي فيصلن جو جائزو وٺو ته هو ڪنهن به فيصلي ۾ دين اينڊ ديئر جا قائل نظر نه ايندا.مطلب ته سادي صورت ۾ فيصلي جي وقت جي قوت نظر نه ايندي.جيئن وري دين اينڊ ديئر جو سياسي ۽ انتظامي فيصلن ۾ موجوده ڪنڌرا صالح پٽ مان چونڊيل عوامي نمائيندو ۽ اسپيڪر اويس قادر شاهه قائل آھي.پويان ڇا ٿئي ٿو سو ايندڙ وقت ٻڌائيندو باقي ها يا نه ڪري ڏيو.
هاڻي ڪجھه ڏينهن کان وري وزير اعلي سنڌ مراد علي شاھ جي تبديلي جون سوشل ميڊيا تي خبرون هلي رهيون آھن.ايندڙ وزير اعلي طور سيد ناصر حسين شاھ جو نالو ٽاپ تي اچي رهيو آھي.انهن افواهن ۽ ڇڙڪائيندڙ خبرن ۾ ڪيتري صداقت آھي،تنهن جو سياسي ۽ حڪومتي فيصلن کي ڏسي موجوده حالتن جو جائزو وٺبو ته ڳالهھ کلي سامهون اچي ويندي.مثال طور سنڌ صوبي ۾ ئي نه پر پوري ملڪ ۾ ٻوڏ ۽ برساتن سبب نظام ڪٿي مفلوج ته وري سنڌ صوبو ان امڪاني سپر فلڊ جي امڪاني نشاني تي آھي.انهيءَ صورتحال ۾ فوري طور وزير اعلي جي تبديلي سمجهھ کان ٻاهر آھي ۽ وري ان صورت ۾ سيد ناصر حسين شاھ جو وزير اعلي ٿيڻ سياسي حساب سان ڏينهن جو خواب ۽ سجاڳيء ۾ خواب ڏسڻ برابر هوندو.
سياست آھي ئي جنهن کي Art of possibilities چيو وڃي ٿو پر ان لاءِ به حالتن جو سازگار هجڻ ضروري هوندو آھي.ان ڪري في الحال 15 ڏينهن تائين اهڙي ڪا صورتحال پري پري تائين نظر ڪونه پئي اچي.ٻيو اهو به خيال آھي ته سيد ناصر حسين شاھ جي مقابلي ۾ به هڪ ٻيو وزيراعلي شپ جو خواهشمند ڪابينا جو سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پڻ آھي.شرجيل انعام ميمڻ تمام تيز فهم ۽ ڦڙتيلو ڪابينا جو وزير هوندي وزير اعلي شپ جو خواهشمند آھي.سيد ناصر شاھ کي اندروني طور پهريان پنهنجي مقابلي باز سان سيٽنگ ڪرڻي پوندي يا وري ان کان وڌيڪ قيادت وٽ ۽ بااختيار قوتن وٽ گنجائش پيدا ڪرڻي پوندي.شرجيل انعام ميمڻ سياست ۽ سياسي لابنگ جو قائل هجڻ سبب ڪوشش اها ڪندو ته جيڪڏهن وزير اعلي نه ٿي سگهيو ته پوءِ هو اها ڪوشش ڪندو ته سيد ناصر حسين شاھ جي رستا روڪ ڪندو.اهو پتو سياست ۾ کيڏڻ تاريخ جو حصو رهيو آھي.شوشل ميڊيا ۽ اخباري دنيا ۾ خبرن جي زينت بڻجندڙ سنڌ ۾ وزيراعلي شپ جا خواهشمند اميدوار ان ڳالھه کان به واقف حال ضرور هوندا ته ڪجھه ڪردار خاموشي سان ۽ پنهنجي سياسي ۽ تنظيمي حلقن ۾ وڏو ڪم ڪندڙ ۽ لابنگ ڪندڙ لابيسٽر هوندا آھن.انهن جو ذڪر شوشل ميڊيا ۽ عام ڪچھرين ۾ تمام گهٽ نظر ايندو آھي،پر هو اندران اندران وڏو خاموشي سان ڪم ڪندا آھن.انهن ڪردارن مان هڪ نالو وري ٻيو به ورتو وڃي ٿو سو به سنڌ جي تاريخي قلعي اروڙ ۽ ڪنڌرا جي حامي حلقن مان ووٽرز جو سپورٽر آھي.هن خواهشمند جي وزيراعلي شپ ۾ ڪيتري خواهش آھي سا ته هتي بيان نٿا ڪري سگهون.
باقي سندس بابت سياسي حلقن ۽ فيصلا ڪندڙ قوتن وٽ جيڪا همدردي ٻڌڻ ۾ اچي پئي سان هڪ وڏي آٿت ۽ اميد افزا ڳالھه ٻڌائي وڃي ٿي.خود چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان تازي جيڪا وزيراعلي سنڌ ملاقات ڪئي آھي جيڪو گروپ فوٽو ميڊيا ۾ ڏنو ويو آھي تنهن جا تاثر به واضع ۽ چٽا آھن ته بلاول ڀٽو زرداري، مراد علي شاهه جي مٿان پنهنجي شفقت وارو هٿي رکندو اچي پيو.جڏهن ته خود وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاه به پنهنجي سياسي،حڪومتي ۽ پارلياماني لابنگ ۾ هن وقت تائين طاقتور سمجهيو وڃي پيو.انهيءَ سموري سياسي ۽ حڪومتي صورتحال مان لڳي ٿو ته سنڌ جو وزيراعلي جيڪو ڏهن سالن کان مسلسل اسيمبلي جي معرفت چونڊجي 3 دفعو حڪومت يا وڏ وزارت وٺي حڪومت هلائي ٿو سو هنن حالتن ۾ ڪجھه ڏينهن اندر هٽائڻ ته مشڪل آھي.نمبر ٻيو ته خود ڪابينا جي اندر وزير اعلي شپ واري خواهش رکندڙ اميدوارن سيد ناصر حسين شاھ ۽ شرجيل انعام ميمڻ جو به هڪ ٻئي کي ڪٽڻ وارو مقابلو آھي.اهڙي ڪا وڏي مجبوري ٿي پئي ۽ اڻٽر امڪاني سپر فلڊ جيڪو انشاء الله نه ايندو جيڪڏهن خدا نه خواسته اچي وئي ۽ حالتن ڪو نئون رخ اختيار ڪيو ۽ وزير اعلي سنڌ مراد علي شاھ جي ڪارڪردگي کان سياسي قيادت ۽ طاقتور حلقا فيصلي ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيا ته اروڙ جي قلعي مان ووٽ وٺي اچي سنڌ اسيمبلي ۾ عوامي نمائيندگي جي هيٽرڪ ڪندڙ نوجوان پارليامنٽيرين اويس قادر شاھ ۽ ديبل جي شهر کان پاسي مان چونڊيل سنڌ اسيمبلي جو پهريون چونڊيل زرداري قبيلي جو سادي طبيعت رکندڙ سينيئر عوامي نمائيندو ۽ سنڌ ڪابينا جو سرگرم وزير علي حسن زرداري جن مان ڪنهن هڪ جو وڏ وزارت لاءِ نالو اچي سگهي ٿو.ڇو ته قائم علي شاھ کي هٽائڻ وقت نوجوان قيادت يعني بلاول ڀٽو زرداري وٽ نوجوان وزير اعلي جو هجڻ ڪنهن خواب جيان هو ۽ ان خواب جي تعبير سيد مراد علي شاھ جي صورت سنڌ ۾ 10 سالن کان سامهون آھي.
هاڻي به فيصلو سينيئر ۽ نوجوان ۾ ٻڌايو وڃي ٿو.جيڪي خاموش آھن،پر جيڪڏهن سنڌ کي ڪنهن ٿڌي طبيعت ۽ سينيئر وزير اعلي جي ضرورت محسوس ٿي ته ذريعا ٻڌائن ٿا صوبائي وزير علي حسن زرداري جو نالو ٽاپ تي اچي ويندو.جيڪڏهن وري ڪنهن نوجوان کي ترجيح ڏنائون ته ان لاءِ موجوده اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ جو نالو پڻ اهميت سان ورتو ويندو.پارلياماني ۽ اقتداري سياست جون رمزون ۽ گهرجون وقت ۽ حالتن سان نئو رخ بدلائينديون آھن،ڪڏهن پنهنجو لابنگ جو ماڻھون مخالف ٿيندي دير ناهي ٿيندي ۽ وري ڪڏهن مخالف لابي جو پنهنجو حامي ٿيڻ ۾ دير ناهي ٿيندي.اهڙي سياسي ۽ اقتداري راند ۽ ڳٺ جوڙ ۾ سيد ناصر شاھ وزيراعلي شپ جو اميدوار يا خواهشمند يا سندس قسمت جي ديوي اڳي کڻي ٿي ته مٿين ڳالهين مان سندس مقابلي باز به سامهون اٿس،مقابلو فقط وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ سان ڪونهي ڪرڻو.
هڪ سينيئر سياسي دانشور آڏو جڏهن وزيراعلي سنڌ جي تبديلي جو سوال رکيو ته هن ان سال جي جواب ڏيندي چيو ته في الحال اهڙي صورتحال ته ڏسڻ وٽان ڪونه پئي اچي.باقي جيڪڏهن وزير اعلي تبديل ڪرڻو آھي ته مراد علي شاھ کي هٽائي ناصر شاھ يا اويس قادر شاھ ڇو؟پوءِ علي حسن زرداري يا آغا سراج دراني يا نثار احمد کهوڙو ڇو ڪونه؟.ڏسون حالتن جو انتظار ڪيو ته ڪجھه ڏينهن ۾ سنڌ جي وزيراعلي شپ جو فيصلو ڪٿي ٿو اچي بيهي.