اسلام آباد/ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير، بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته اسان جا ڪل 15 ساٿي شهيد ٿيا آهن، 40 کان وڌيڪ زخمي آهن جن مان 4 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. سڪيورٽي ٿريٽ 2024 کان هر سياسي پارٽي کي ملي رهيا هئا، اسان مهينو اڳ مقامي انتظاميا کان جلسي جي اجازت گهري هئي ته اسان هاڪي گرائونڊ ۾ جلسو ڪرڻ چاهيون ٿا جنهن لاءِ هنن پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ کي جلسي جي اجازت ڏني هئي پر اسان کي اجازت نه ڏني وئي. اهو علائقو ريڊ زون ۾ آهي جتي سڪيورٽي خدشا گهٽ هوندا آهن. هاڻي به اسان کي جلسي کان 2 ڏينهن اڳ اجازت ڏني وئي ۽ ٿريٽ جو ذڪر نه ڪيو ويو. خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته 2 هفتا اڳ هڪ ايم پي اي ذريعي وزيراعليٰ جو پيغام مليو هو ته اوهان خيال رکو ڇو ته اوهان خلاف وڏي حملي جون تياريون ٿي رهيون آهن. مون جواب ڏنو هو ته لڪ پاس وٽ ان کان اڳ ٿيل حملي فوري پوءِ اوهان سان جي مون سميت پارٽي جي اڳوڻن ايم پي ايز، ايم اين ايز، سينيٽرن جي سڪيورٽي اوهان هٽائي ڇڏي هئي، پوءِ اوهان اهڙي قسم جو پيغام ڏيو ٿا ۽ سڪيورٽي به واپس وٺو ٿا؟ ان ٿريٽ بابت وزيراعليٰ کي خبر هوندي ته سازش ڪٿي ٿي هئي ۽ ان پٺيان ڪهڙيون قوتون هيون جيڪي اهي سازش ڪري رهيون هيون. سندس چوڻ هو ته هي حملو ان آواز تي حملو آهي جيڪا بلوچستان تي ٿيندڙ ظلمن، انساني حقن جي ڀڃڪڙين، ڦرلٽ بابت آواز کي دٻائڻ تي حملو آهي. 29 مارچ تي لڪ پاس وٽ حملو ٿيو هو، اها حڪومت جي ذميواري هئي ته حملي آور جي سڃاڻپ ڪري ها، اڄ تائين حڪومت ان تي ڪا انڪوائري ناهي ڪئي ۽ اسان جي ڪارڪنن کان فوٽيج به حاصل ناهن ڪيا، پڇيو ئي ناهي ته اهو شخص ڪهڙي قسم جو نظر اچي رهيو هو، اسان جي ماڻهن ان شخص کي ڏٺو هو، هو ازبڪ شڪل جو نه هو. تازي حملي بابت هن ٻڌايو ته جلسي کانپوءِ محمود خان اچڪزئي کي روانو ڪيوسين. ان سان گڏ اسان جي اسڪواڊ جي گاڏي وئي. پوءِ اسان نڪتاسين ته پٺيان ڌماڪو ٿيو. هن چيو ته قومي اسيمبلي مان استعيفيٰ منظور ڪن يا نه ڪن، اهو سندن اختيار آهي، ان جو جواب اسپيڪر ڏئي سگهي ٿو. ڌرڻي تي هئاسين ته اسپيڪر چيو هو ته اوهان لچڪ ڏيکاريو، اوهان جي استعيفيٰ منظور ناهي ڪئي. سندس چوڻ هو ته اسان خلاف ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، اڪائونٽ فريز ڪيا ويا آهن. شهباز شريف وزيراعظم بڻيو هو ته دوري تي آيو هو، هن چيو هو ته مسنگ پرسن جو مسئلو حل ڪنداسين، بااختيار ماڻهن سان ڳالهائينداسين، يعنيٰ هو بي اختيار هو. اختر مينگل موجب، اسان کي ڪو پڇتاءُ ناهي، اسان سڀني کي مسئلا سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر اسان جي تڪليف کي اسان جي ڪمزوري سمجهي ان جو مذاق بڻايو ويو آهي. بلوچستان جون حالتون هاڻي جتي پهتيون آهن، هاڻي کين اسان جون ڳالهيون ياد اينديون هونديون. اسان کين چيو هو ته اسان کي سياست مان ڌڪيو ويندو ته ماڻهن مجبوري ۾ اهو رستو وٺندا جنهن تي نه اسان کين روڪي سگهنداسين نه اوهان روڪي سگهندا. بلوچستان جو نوجوان اسان جي ڳالهه به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، جمهوري ۽ پارلياماني سياست کان بيزار ٿي چڪو آهي. هن چيو ته آئين رڳو طاقتورن کي بچايو آهي ۽ اهو انهن جي هٿن سان ئي هلي ٿو، هو ان جا رخ موڙن ٿا. اسان ۾ جمهوريت جا جيوڙا گهڻي دير نه رهي سگهندا. اڄوڪا حڪمران ۽ اپوزيشن اهڙو رستو نه ڏيکاري ڇڏين جو اميدن تي پاڻي هارجي وڃي ۽ جمهوريت جا جيوڙا به ختم ٿي وڃن. هڪ بيان ۾ هن چيو ته جن قوتن جي ظلم ۽ زيادتي خلاف اسين آواز اٿاريندا آهيون، انهن جو نشانو مان ۽ منهنجي جماعت ئي آهي، پر جيڪڏهن اسين بچي وڃون ٿا ته اهو رڳو اسان جي ماڻهن جي دعائن جي ڪري آهي.