ڪالا باغ ڊيم بابت گنڊاپورجي تجويز مناسب ناهي:ڄام خان شورو

ڪراچي (رپورٽر) آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شوري ڪالا باغ ڊيم بابت ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور  جي بيان کي تڪراري قرار ڏئي ڇڏيو، هڪ بيان ۾ ڄام خان شورو علي امين گنڊاپور جي بيان تي ردعمل ۾ چيو ته ڪالا باغ ڊيم بابت خيبر پختونخوا جي وڏي وزير جي تجويز مناسب نه آهي، هي وقت تڪراري بيانن جو ناهي، سنڌ ۾ ٻوڏ صورتحال بابت ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪچي جي ماڻهن لاءِ رليف ڪئمپون قائم ڪيون آهن، ايندڙ هڪ کان ٻن ڏينهن ۾ صورتحال واضح ٿي ويندي، جڏهن ته سنڌ ۾ ڪنهن به بند کي گهارو نه هنيو ويندو، صوبائي وزير محمد بخش مهر جو چوڻ هو ته ٻوڏ صورتحال کي نظر ۾ رکندي گھوٽڪي ۽ اوٻاوڙو جي 16 علائقن مان ماڻهن کي پڪي طرف منتقل ڪيو ويندو، متاثرن لاءِ 5 رليف ڪئمپون ۽ 3 جديد موبائل اسپتالون ڪم ڪري رهيون آهن، ياد رهي ته علي امين گنڊاپور چيو هو ته ڪالا باغ ڊيم مان پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا کي پاڻي ملندو، سنڌ کي ڪالا باغ ڊيم تي مسئلا آهن ته ميز تي ويهي ڳالهه ڪئي وڃي، ڪالا باغ ڊيم ملڪ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.