ڪالاباغ ڊيم تي ٻيهر ڳالهه ڪرڻ قومي وحدت لاءِ نقصانڪار آهي:راشد محمود

سکر(رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي قائد علامه راشد محمود سومرو چيو آھي ته ٽن صوبن کان ٺڪرايل ڪالاباغ ڊيم جو منصوبو ملڪ جي جاگرافي، سياست ۽ معاشرتي حقيقتن خلاف آھي، ان تي ٻيھر ڳالھ ٻولھ ڪرڻ قومي وحدت لاءِ نقصانڪار آهي.ھن چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي رينگٽ کي وري زنده ڪرڻ ٽن صوبن پاران ٺڪرايل مئل گھوڙي کي ساھ وجھڻ جي ڪوشش آھي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آھي،هن چيو ته  ته ننڍا صوبا اڳ ئي احساس محرومي جو شڪار آھن، اهڙي صورتحال ۾ ڪالاباغ ڊيم جھڙي منصوبي کي ڇيڙڻ وفاق کي وڌيڪ ڪمزور ڪندو.ھن وڌيڪ چيو ته ھڪ پاسي ٻوڏ جي خطري سبب ڳڙھي خيرو، ڪوريجا شاخ، بيگاري، چنڊ شاخ جي پڇڙي ۽ ناوڙا جھڙن علائقن ۾ فصل پاڻيءَ کان محروم آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.