دريائن تي اڳواٽ ڊيم موجود آهن ته پوءِ ٻوڏون ڇو ٿيون اچن؟ ڊاڪٽر حسن عباس

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ماهرن چيو ته شھري ٻوڏ جي ذميواري رڳو برسات يا ڊيم نه هجڻ تي نه نٿي وجهي سگهجي پر ان جا وڏا سبب خراب شهري پلاننگ، درياهن جي رستن تي اڏاوتون ۽ نيڪال نظام جي ناڪامي آهي.  موسمي تبديلي ۽ پاڻي معاملن جي ماهر ڊاڪٽر حسن عباس هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته ڊيمن جي معاملي ۾ سياسي مداخلت آهي، اهو ڪو حل ناهي، اها اجائي ڳالهه آهي. جتي جتي ڊيم ٺهڻ گهرجن ۽ هجن گهرجڻ اتي اڳواٽ موجود آهن، درياهن تي ڊيم موجود آهن ته پوءِ ٻوڏون ڇو ٿيون اچن؟ جتي ڊيم نٿا ٺهي سگهن، اتي نٿا ٺهي سگهن. پنجاب جي درياهن جو جابلو حصو ڀارت ۾ آهي ۽ ڀارت ته اتي ڊيم ٺاهي رکيا آهن پوءِ ٻوڏ ڇو ٿي اچي؟ 1988ع ۾ به ٻوڏ ٿي هئي، مثال طور، 1992 ۾ منگلا ڊيم مان به وڏي ٻوڏ آئي هئي، جنهن ڪيترائي ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا هئا. ان کان اڳ واپڊا به هڪ رپورٽ ۾ چيو هو ته ڊيم نه ئي ٻوڏ روڪڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن نه ئي ٻوڏ کي ڪنٽرول ڪري سگهن ٿا، ڪا به ٻوڏ حادثاتي هوندي آهي. جيڪي ڊيم ٻوڏ لاءِ ٺاهيا ويندا آهن انهن کي هميشه خالي رکيو ويندو آهي. جيئن ئي ٻوڏ ايندي آهي ته ان کي روڪي وري فوري ان کي خالي ڪيو ويندو آهي جيئن ٻيهر ٻوڏ اچي ته اهو ڀرجي. ڪي اهڙا ڊيم هوندا آهن جيڪي ٻنهي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندا آهن، ڪالاباغ ڊيم جي ڳالهه ڪجي ته اهو 6 ملين ايڪڙ فٽ جو هوندو، اوهان ان ۾ ٻوڏ لاءِ 3 ملين ايڪڙ فٽ خالي رکندا ته باقي 3 ملين ايڪڙ فٽ بچندو، هتي ته 25، 25 ملين ايڪڙ فٽ جون لهرون اينديون آهن، اهو منطق ئي بلڪل غلط آهي ته ڊيم ٻوڏ کي روڪيندو. سوشل ميڊيا تي اهو تاثر ڏنو وڃي ٿو ته جيڪر ڪالاباغ ڊيم ٺهيل هجي ها ته اڄوڪو بحران پيدا ئي نه ٿئي ها، پر حقيقت ۾ وڏا ڊيم ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ ٺاهيا ئي ناهن ويندا. دنيا جو تجربو ٻڌائي ٿو ته ڊيم پاڻي اسٽور ڪرڻ لاءِ هوندا آهن، جڏهن ته فلڊ ڪنٽرول رڳو جزوي طور ٿي سگهي ٿو. ماهرن جو چوڻ هو ته حل ڊيم نه پر درياهن کي پنهنجو قدرتي وهڪرو ڏيڻ ۾ آهي. ان لاءِ درياهن جي رستن تان قبضا ختم ڪرڻ ۽ نيڪال جو نظام بهتر ڪرڻ ضروري آهي.  دنيا جي تجربي مان اڄ سائنس ان نتيجي تي پهتي آهي درياهه کي وهڪرا ڏيو، ان کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ نه ڪريو. سماجي ڪارڪن ڊاڪٽر تيمور رحمان نشاندهي ڪئي ته لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ زرعي زمينن کي رهائشي اسڪيمن ۾ تبديل ڪرڻ به ٻوڏ جو وڏو سبب بڻيو آهي. رڳو گذريل ڏهن سالن ۾ لاهور جي 25 سيڪڙو زرعي زمين ختم ٿي وئي آهي. اها آباديءَ جو مسئلو نه پر اربن پلاننگ جي ناڪامي آهي. آل پاڪستان ڪسان فائونڊيشن جي چيئرمين محمود الحق بخاري چيو ته ٻوڏ جو سڀ کان وڌيڪ اثر هارين تي پيو آهي. هزارين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، فصل ۽ مال لڙهي ويو آهي. ماهرن حڪومت تي تنقيد ڪئي ته ادارا اهڙين آفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت نٿا رکن، وٽن مشينري ئي ناهي، ۽ ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت بچاءُ ڪرڻ تي مجبور آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.