ٻوڏ دوران عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين:آصفه ڀٽو

نوابشاھ(رپورٽ: ممتاز خاصخيلي+راج ڪمار اوڏ)خاتون اول ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري نوابشاھ جي هڪ ڏينهن جي اهم ۽ مختصر دوري تي صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو سان گڏجي زرداري هائوس نوابشاھ پهتي، آصفه ڀٽو زرداري ضلعي شهيد بينظيرآباد جي عوام کي ايندڙ ٻوڏ جي ريلن سبب درپيش مشڪلاتن ۽ انهن جي حل بابت قدمن تي انتظاميا کي طلب ڪري ورتو،ان موقعي تي عاشق حسين زرداري ، محمد سالم زرداري ، انجنيئر مير محمد سيال به  پڻ موجود ھئاآصفه ڀٽو زرداري کي ڪمشنر شھيد بينظير آباد ، ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظير آباد، ايس ايس پي شھيد بينظير آباد سميت آبپاشي کاتي، ريسڪيو 1122 ۽ صحت کاتي جي منتظمين پاران بريفنگ ڏني وئي آھي خاتون اول آصفہ ڀٽو زرداري کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو آهي تہ سپر فلڊ جي صورت ۾ ضلعي جي نون يونين ڪائونسلن جي 95 ڳوٺن ۾ رهندڙ لڳ ڀڳ 80 هزار ماڻهون ٻوڏ کان متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي، سپر فلڊ جي صورت ۾ ضلعي ۾ 64 هزار جانور ٻوڏ کان متاثر ٿي سگهن ٿا جن جي انخلا جو عمل جاري آهي جڏھن ته ضلعي ۾ ٻوڏ سبب قاضي احمد ۽ سڪرنڊ جا علائقا ٿٽ، سعيد ڪانڊو، ڦليل، کڙ، گهرا مري، بهاول شاهه، محراب پور، ماڙي ۽ موريا لاکو متاثر ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته قاضي احمد ۽ سڪرنڊ ۾ 59 رليف ڪيمپون فعال ڪيون ويون آهن جڏھن ته  11 ميڊيڪل ڪيمپون به متاثر علائقن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن ، آصفہ ڀٽو زرداري پوليس ۽ انتظامي ادارن سميت امدادي ڪمن ۾ حصو وٺندڙ رضاڪارن جي ڪوششن کي ساراھيندي چيو ته ضلعي شهيد بينظير آباد جي عوام کي مان ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏينديس،ھن چيوته سياسي اختلافن کي پري رکي هي وقت هڪ قوم بڻجي هڪ ٻئي سان گڏ بيهڻ جو آهي،ھن وڌيڪ چيو ته پنجن سالن جي مختصر عرصي ۾ اسين ٽئين وڏي ٻوڏ جو مقابلو ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، اميد اٿم ته موجوده ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظاميا ماضي جي تجربي مان سکندي وڌيڪ بهتر قدم کڻندي، ھن چيو ته امدادي سرگرمين کي تيز ڪيو وڃي، بروقت مدد جي حوالي سان ڪنهن به قدم کان پاسو نه ڪيو وڃي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.