حيدر علي تي ريپ جو الزام ثابت نه ٿيو، ڪيس خارج

لنڊن (ويب ڊيسڪ) مانچسٽر پوليس پاڪستاني ڪرڪيٽر حيدر علي خلاف مبينا ريپ جو ڪيس خارج ڪري ڇڏيو.
پوليس ذريعن موجب حيدر علي خلاف ريپ ڪيس اڻ پورين شاهدين جي بنياد تي خارج ڪيو ويو.
ريپ جي الزام مان آجو ٿيندڙ حيدر علي کي ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ پاسپورٽ به واپس ملي ويندو ۽ هاڻ هو آزاداڻي طور برطانيا اچي وڃي سگهندو.
پوليس حيدر علي خلاف جاچ لاءِ واڌو وقت گهريو هو پر مٿس ڪو الزام ثابت نه ٿي سگهيو.
واضح رهي ته ڇوڪريءَ طرفان ريپ جي الزامن کانپوءِ پوليس حيدر علي کي گرفتار ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.