ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي ۾ روڊن جي تعمير ۽ مرمت جو ڪم پهرين سيپٽمبر کان شروع ڪيو ويو آهي ۽ واعدي موجب ٻن مهينن اندر سمورا روڊ مڪمل ڪيا ويندا.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته روڊن جي تعمير ۾ سستي جو سبب برسات جي اڳڪٿي آهي پر منصوبي تي تيزيءَ سان ڪم جاري آهي.
هن چيو ته ڪي ايم سي تحت 106 روڊن تي اڳ ۾ ليولنڪ ۽ پوءِ ڪارپيٽنگ جو ڪم ڪيو پيو وڃي، جيڪو برسات کانپوءِ مڪمل ٿيندو.
مرتضيٰ وهاب ميار ڏيندي چيو ته وفاقي حڪومت جي ڪراچي جي ترقياتي منصوبن ۾ دلچسپي ناهي، گورنر صاحب سوا ارب رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر اڄ تائين انتظار ڪري رهيو آهيان.
You might also like