ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا هانيا عامر جي صحت بابت سوشل ميڊيا تي افواهه گردش ڪري رهيا آهن، جنهن جي اڃا تائين تصديق يا ترديد ناهي ٿي سگهي.
هانيا عامر پنهنجي معصوم ادائن ۽ خوش مزاجي سبب سدائين خبرن ۾ رهندي آهي پر هن ڀيري هن انسٽاگرام تي هڪ اهڙي تصوير شيئر ڪري ڇڏي، جنهن مداحن کي ڳڻتيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.
تصوير ۾ هانيا عامر جي چهري تي آڪسيجن ماسڪ لڳل آهي، جڏهن ته هوءَ ڪيمرا ڏانهن ڏسي هٿ جي اشاري سان ”ٺيڪ“ هجڻ جو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ان باوجود مداحن سندس حالت ڏسي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.
مداحن انسٽاگرام تي مختلف تبصرا ڪري اداڪارا جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي، ڪجهه واهپيدارن پڇيو ته اڇا توهان کي ڪا ساهه جي بيماري آهي يا وري شوٽنگ جي تصوير آهي.
مداحن طرفان اهڙن تبصرن باوجود هانيا عامر پنهنجي ان تصوير تي وضاحت ناهي ڪئي ته ڇا هوءَ بيمار آهي يا وري ڪنهن پراجيڪٽ جو حصو آهي.
You might also like