نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن چيو آهي ته 7 آڪٽوبر 2023 کان وٺي هيل تائين غزا جنگ ۾ 21 هزار ٻار معذور ٿي چڪا آهن.
معذور ماڻهن جي حقن بابت گڏيل قومن جي ڪميٽي ٻڌايو ته تقريبن ٻن سالن جي جنگ دوران 40 هزار 500 ٻار زخمن جو شڪار ٿيا، انهن ٻارن مان اڌ کان وڌيڪ انگ معذور ٿي چڪو آهي ۽ انهن کي غير محفوظ ۽ غير معمولي حالتن ۾ علائقو ڇڏڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي.
گڏيل قومن جي ڪميٽي عالمي برادري کي اپيل ڪئي آهي ته جنگ دوران معذور ٿيندڙ ماڻهن لاءِ وڏي پيماني تي انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.
You might also like