ڀارت ۾ مسلم تنظيمن جو جاويد اختر خلاف احتجاج، اردو اڪيڊمي جو سيمينار رد

ڪولڪتا(ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اولهه بنگال جي ”اُردو اڪيڊمي“ نغمه نگار ۽ ليکڪ جاويد اختر جي هڪ سيمينار ۾ شرڪت جي خلاف ڪجهه مسلم تنظيمن جي احتجاج ۽ مبينا ڌمڪين بعدِ پنهنجو چئن ڏينهن وارو ادبي پروگرام ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
مختلف مذهبي تنظيمن جو چوڻ هو ته جاويد اختر جا تڪراري مذهبي خيال ۽ پاڻ کي ” دهريو“ ڪوٺڻ قابلِ اعتراض آهي، ۽ اهڙي شخص کي اُردو اڪيڊمي جهڙي اقليتي اداري جي پليٽ فارم تان ڳالهائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.
”اُردو اڪيڊمي“ ڪولڪتا ۾ هڪ سيپٽمبر کان چار سيپٽمبر تائين ڪيئي ادبي ويهڪون ۽ سيمينار ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو هو، انهي پروگرام تحت فلم ليکاري ۽ نغمه نگار جاويد اختر کي هڪ مشاعري جي صدارت ڪرڻي هئي، جاويد اختر کي ”هندي فلمن ۾ اُردو جو ڪردار“ جي عنوان سان رٿيل سيشن تي به ڳالهائڻو هو.
جاويد اختر کانسواءِ ان پروگرام ۾ ناميارو فلمساز مظفر علي کي به شرڪت ڪڻي هئي.
ڪولڪتا جي اُردو ۽ ادبي گروپن ۾ پروگرام بابت گهڻي دلچسپي هئي ۽ انتظاميا موجب، پروگرام جا سمورا ڪارڊ ڪيترائي ڏينهن اڳ ئي ختم ٿي ويا هئا.
هن ادبي پروگرام جي شيڊيول جو اعلان ٿيندي ئي ڪجهه ” سخت گير مسلم تنظيمن“ جاويد اختر جي شرڪت تي سوال اٿارڻ ۽ تنقيد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي هئي.
پوءِ اوچتو اُردو اڪيڊمي جي سيڪريٽري نزھت زينب هڪ بيان جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو ته ”هندي فلمن ۾ اُردو جي ڪردار“ تي ٿيندڙ چئن ڏينهن وارو پروگرام ”اڻ وڻندڙ حالتن“ سبب ملتوي ڪيو پيو وڃي.
مذهبي تنظيمن جي احتجاج کي نظر ۾ رکندڙ انتظاميا نه ٿي چاهي ته پروگرام دوران ڪو تڪرار پيدا ٿئي.
جاويد اختر جي مخالفت ڪندڙ مسلم تنظيمن ۾ هڪ غير معروف تنظيم ”وحين فائونڊيشن“ پڻ شامل آهي، پر فائونڊيشن جي سربراهه مفتي شمائل ندوي هڪ بيان ۾ ان ڳالهه جي ترديد ڪئي آهي ته هنن جاويد اختر کي ڌمڪي ڏني آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته سندن تنظيم جاويد اختر جي مخالفت سندس مبينا تڪراري مذهبي خيالن ۽ مذهب بابت ڏنل مبينا توهين جوڳن بيانن سبب ڪئي، ڇو ته جاويد اختر جي خيالن سان مسلمانن جي عقيدن جي توهين ٿئي ٿي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته وحين فائونڊيشن پروگرام ملتوي ڪرڻ لاءِ اڪيڊمي تي دٻاءُ نه وڌو هو.
مفتي شمائل ندوي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سندن تنظيم جاويد اختر جي ڪولڪتا اچڻ تي آجيان ڪئي ۽ کيس مذاڪري ۾ دعوت ڏني هئي.
ان کانسواءِ ڪولڪتا جي جمعيت العلماءَ هند به جاويد اختر جي پروگرام ۾ شرڪت جي مخالفت ڪئي آهي.
تنظيم طرفان اُردو اڪيڊمي جي نائب صدر کي لکيل هڪ خط ۾ ادبي پروگرام کي ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو.
تنظيم جي جنرل سيڪريٽري ظل الرحمان عارف نغمه نگار جاويد اختر جي مخالفت ڪندي الزام هنيو هو ته ”اهڙي شخص کي سڏائڻ جيڪو مذهب بيزار آهي، جيڪو برداشت نه ڪرڻ جوڳو عمل آهي.“
جمعيت العلماءَ هند طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته” ’اهڙي شخص کي دعوت ڏيڻ سڀني باشعور ۽ امن پسند ماڻهن لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي.“
پوءِ اوچتو اُردو اڪيڊمي جي سيڪريٽري نزھت زينب بيان جاري ڪيو ۽ پروگرام ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته اُردو اڪيڊمي جي گورننگ باڊي جي هڪ رڪن پروفيسر غزاله ياسمين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته” هي هڪ خالص ادبي پروگرام هو، هندي فلمن ۾ اُردو جو وڏو ڪردار رهيو آهي ۽ ان جا مختلف پاسا اجاگر ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو هو.“
غزاله ياسمين جو چوڻ هو ته پروگرام جي تياري ۾ ڪيئي مهينا لڳا هئا ۽ جاويد اختر کي ان ئي حوالي سان دعوت ڏني وئي هئي.
جاويد اختر پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته ” منهنجي مخالفت هندو ۽ مسلم ٻئي ڌريون ڪنديون رهيون آهن، جنهن جو مطلب آهي ته مان ڪجهه صحيح ڪري رهيو آهيان.“
ڪولڪتا ۾ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم ”ايسوسيئيشن فار پروٽيڪشن آف ڊيموڪريٽڪ رائٽس“ پروگرام ملتوي ٿيڻ جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته حڪومت آئين ۾ لکيل سيڪيولرازم جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.“
ڪولڪتا جي ڪيترن ئي ناليوارن مسلم شخصيتن به پروگرام ملتوي ٿيڻ تي مايوسي جو اظهار ڪيو ۽ رياستي وزيراعليٰٰ ممتا بئنرجي کي خط لکي چيو ته ” بنياد پرست عنصرن اُردو جي سيڪيولر زبان ۽ اولهه بنگال جي اُردو اڪيڊمي کي مسلمانن سان ڳنڍي ڇڏيو آهي، جڏهن ته اِهو رڳو هڪ ثقافتي ادارو آهي.“
خط جي متن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ” اسان کي مايوسي ٿي آهي ته اهو سڀ ڪجهه بنگال جهڙي روشن خيال رياست ۾ ٿيو آهي.“
ياد رهي ته جاويد اختر ڪولڪتا جي ادبي ڌرين ۾ گهڻو مشهور رهيو آهي ۽ اڪثر مختلف پروگرام ۾ شرڪت لاءِ ايندو رهيو آهي، پر شايد هي پهريون موقعو آهي جو ڪجهه مسلم تنظيمن منظم طريقي سان سندس ڪنهن ادبي پروگرام ۾ شرڪت جي مخالفت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.