مسافر گاڏي تي انڌاڌند فائرنگ، 7 ڄڻا مارجي ويا

ڊي آءِ خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان جي تعلقي لوئر ڪرم ۾ مسافر گاڏي تي فائرنگ ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا.
پوليس موجب احمد خان ڪلي ڀرسان اڻڄاتل جوابدارن مسافر گاڏي تي انڌاڌند فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا، واقعي کانپوءِ پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز علائقي جو گهيرو ڪيو ۽ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.
پوليس ٻڌايو ته مارجي ويلن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته واقعي جي حوالي سان جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.