آمريڪا تي ايٽمي سرسي لاءِ چين جي مدد ڪنداسين: روس

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس جي سرڪاري نيوڪليئر ايجنسي روسٽم جي سربراهه چيو آهي ته چين جي آمريڪا تي ايٽمي سرسي لاءِ هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، هن وقت دنيا ۾ سڀ کان وڏو نيوڪليئر ري ايڪٽرز جو نيٽ ورڪ آمريڪا وٽ آهي، جنهن جي گنجائش 97 گيگا واٽس آهي، جڏهن ته چين 53.2 گيگا واٽس سان ٻئي نمبر تي آهي.
روسٽم اسٽيٽ نيوڪليئر ڪارپوريشن جي سربراهه الياڪسي لخاشيو جو چوڻ آهي ته چين نيوڪليئر پاور پلانٽن ۾ وڏي ترقياتي رٿابندي ڪئي آهي ۽ آمريڪا کي ڌڪڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته چين جا جوهري ري ايڪٽرز 100 گيگا واٽس تائين پهچي ويندا.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ”اسان اڳ ئي چين جي مدد ڪري رهيا آهيون ۽ مستقبل به ڪندا رهنداسين.“
اليڪسي لخاشيو موجب، روس چين کي 4 نيوڪليئر ري ايڪٽرز ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي ۽ هاڻي چين وڌيڪ 4 ري ايڪٽرز تي ڪم ڪري رهيو آهي، جن لاءِ وڏي مقدار ۾ يورينيم ۽ نيوڪليئر ٻارڻ جي ضرورت پوندي، جنهن جي نتيجي ۾ چين روسي ٽيڪنالاجي جي بنياد تي نيوڪليئر ٻارڻ جي هڪ نئين کيپ تيار ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.