ڪوئيٽا ڌماڪو:شهيدن جو انگ 14 ٿي ويو، وڪلين جو عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ۽ پشتونخوا ملي عوامي پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان

خڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان نيشنل پارٽي)بي اين پي) جي جلسي جي پڄاڻي تي گذريل ڏينهن ٿيل آپگهاتي حملي ۾ شهيدن جو انگ وڌي 14 ٿي ويو آهي.
واقعي خلاف بلوچستان ۾ وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو آهي، جڏهن ته پختونخوا ملي عوامي پارٽي طرفان به ٽي ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
بلوچستان جي صحت واري وزير بخت ڪاڪڙ جو چوڻ آهي ته هڪ وڌيڪ زخمي دم ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ ڌماڪي ۾ شهيدن جو انگ 14 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 30 ڄڻا زخمي آهن.
سندس چوڻ هو ته بلوچستان نيشنل پارٽي جي جلسي کانپوءِ پيش آيل هي واقعو آپگهاتي حملو هو.
واقعي خلاف ڪوئيٽا ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن ۾ وڪيلن احتجاج طور عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو، جنهن جي ڪال بلوچستان بار ڪائونسل ڏني هئي.
بلوچستان بار ڪائونسل هڪ بيان ۾ بي اين پي جي جلسي تي حملي کي دهشتگردي جو واقعو قرار ڏيندي ان حڪومتن جي ناڪامي قرار ڏنو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته اِهو حملو ڪنهن سياسي پارٽي تي نه پر بلوچستان جي پُرامن عوام کي رت ۽ باهه ۾ ڌڪڻ جي سازش آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اوتري گهٽ آهي.
پختونخوا ملي عوامي پارٽي به واقعي جي مذمت ڪندي ان خلاف ٽي ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.
پارٽي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ان واقعي کي جمهوري ۽ سياسي جدوجهد خلاف دهشتگردي قرار ڏنو ويو آهي.
واقعي خلاف بي اين پي جي سربراهه سردار اختر مينگل جي اباڻي شهر وڍ ۾ ٽي ڏينهن جي سوڳ سان گڏ ڪاروباري مرڪز به بند ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.