ڀارت مان ٻيو وڏو وهڪرو چناب درياءَ ۾ داخل، هيڊ مرالا وٽ انتهائي مٿاهين درجي جي ٻوڏ

سرينگر/لاهور (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير جي علائقي اکنور مان ٻيو وڏو ٻوڏ وهڪرو پاڪستان جي چناب درياهه ۾ داخل ٿي ويو.
چناب درياهه ۾ هيڊ مرالا وٽ انتهائي مٿاهين درجي جي ٻوڏ آهي، جنهن سبب چناب پل کي هر قسم جي ٽرئفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، چناب ۾ هيڊ مرالا واري هنڌ ٻوڏ صورتحال تي انتظاميا هاءِ الرٽ آهيئ
پاڪستاني اختيارين جو چوڻ آهي ته ڀارت طرفان ڇڏيل ٻوڏ وهڪرو هاڻي هيڊ خانڪي ڏانهن وڌي رهيو آهي، جڏهنته ٻوڏ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيترائي ڳوٺ خالي ڪرايا ويا آهن.
ٻوڏ وهڪري سبب هيڊ خانڪي پل ڀرسان پهريون گهارو هڻڻ تياريون به مڪمل ڪيون ويون آهن، گهارو تڏهن هنيو ويندو جڏهن پاڻي جو وهڪرو 6 لک ڪيوسڪ کان وڌي ويندو.

ڀارت ٻوڏ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو
ڀارت پاڪستان کي ستلج درياهه ۾ مٿاهين درجي جي ٻوڏ بابت اطلاع ڏئي ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، ڀارتي هاءِ ڪميشن ستلج درياهه ۾ ٻوڏ بابت پاڪستان کي آگاھه ڪيو، جنهن بعد آبي وسيلن واري وزارت فلڊ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي هاءِ ڪميشن جي خط ۾ چيو ويو آهي ته ستلج ۾ هريڪيا زيرين ۽ فيروزپور زيرين ۾ مٿاهين درجي جي ٻوڏ جا اطلاع آهن.
ڀارتي هاءِ ڪميشن جي خط ۾ توئي درياهه ۾ به والاريل ڄمون ۽ ڪمشير وٽ مٿاهين درجي جي ٻوڏ جو اطلاع ڏنو ويو آهي.
ان کانسواءِ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ( پي ڊي ايم اي) پنجاب ۾ 5 سيپٽمبر تائين برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جنهن سبب ٻوڏ صورتحال ۾وڌيڪ شدت جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.