لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ايلسٽر ڪُڪ ۽ مائيڪل وان ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي قانونن ۾ ڦيرڦار جون تجويزون ڏئي ڇڏيون.
ان ڏس ۾ ايلسٽر ڪڪ چيو آهي ته نئون بال ڪنهن به وقت وٺڻ جي اجازت هئڻ گهرجي، 160 اوورن جي وچ ۾ بالنگ سائيڊ چاهي ته نئون بال 30 اوورن کانپوءِ به وٺي سگهي ٿي.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته نئين بال جي ڪري 20 وڪيٽون وٺڻ جو وڌيڪ موقعو ملي سگهي ٿو.
ٻئي پاسي مائيڪل وان متبادل رانديگر واري قانون ۾ تبديليءَ تي زور ڏيندي چيو آهي ته رانديگر تبديل ڪرڻ جو قانون رڳو ڪنڪشن تائين محدود نه هئڻ گهرجي.
هن چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته توهان انجري سبب ميدان ۾ نه رهو ۽ جڏهن بيٽنگ اچي ته توهان ڪريز تي موجود هجو.
مائيڪل وان جو چوڻ هو ته ان حوالي سان تازو اينڊريسن-ٽنڊولڪر ٽرافي دورانڀارت جي رشڀ پنت جي مثال ڏئي سگهجي ٿو ، جيڪڏهن ڪنڪشن ۾ توهان هڪجهڙو متبادل ڏئي سگهو ٿا ته پوءِ ٻين انجرين ۾ ڇو نه؟
هن وڌيڪ چيو ته ٻين راندين ۾ اهڙو متبادل موجود هوندو آهي، پوءِ ڪرڪيٽ ۾ ڇو ناهي، ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ متبادل رانديگرن جي اجازت ضروري آهي، رانديگرن جي انجريز جي حوالي سان هڪ آزاد ڊاڪٽر جي موجودگي به لازمي هئڻ گهرجي.