دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ون ڊي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان ۽ اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ وڌيڪ تنزلي ٿي آهي.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي پليئرز جي هفتيوار رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، جنهن تحت ٽي ٽوئنٽي بيٽرز جي رينڪنگ ۾ ڀارت جي اڀيشڪ شرما جي پهرين پوزيشن برقرار آهي.
ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ بابر اعظم 3 ۽ محمد رضوان 2 درجا وڃائي ويٺو، جنهن کانپوءِ ٻئي ترتيبوار 21هين ۽ 22هين نمبر هليا ويا آهن.
آءِ سي سي جي رينڪنگ موجب، پاڪستان جو حسن نواز 2 درجا بهتري بعد 32هين، جڏهن ته صائم ايوب 2 درجا تنزلي سان 40هين نمبر تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان سلمان آغا وڏي ٽپو ڏيندي 18 درجا ترقي ماڻڻ بعد 59هين نمبر تي اچي ويو آهي.
بالرن جي رينڪنگ ۾ نيوزيلينڊ جي جيڪب ڊفي جي نمبر هڪ پوزيشن تي برقرار آهي، پاڪستان جو شاهين آفريدي 8 درجا بهتري سان 26هين ۽ حارث رئوف 4 درجا وڃائڻ بعد 28هين نمبر تي هليو ويو آهي.
بالرن جي رينڪنگ ۾ پاڪستان جو محمد نواز 15 درجا ترقي سان 43هين نمبر تي اچي ويو آهي.
ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊرن ۾ ڀارت جي هاردِڪ پانڊيا جي نمبر ون پوزيشن تي برقرار آهي، جڏهنته افغانستان جو محمد نبي هڪ درجو بهتري بعد ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي.
ان کانسواءِ زمبابوي جو سڪندر رضا ون ڊي ڪرڪيٽ جو نمبر ون آل رائونڊر بڻجي ويو آهي.
افغانستان جو عظمت الله عمرزئي هڪ درجو وڃائيندي ٻئي نمبر تي، جڏهن ته سندس هم وطن محمد نبي به هڪ درجو تنزلي بعد ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي.
آءِ سي سي رينڪنگ: سڪندر رضا نمبر ون آل رائونڊر بڻجي ويو، بابر ۽ رضوان جي پوزيشن وڌيڪ ڊائون
You might also like