لنڊن ( ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي ٽيم رائل چئلينجرز بئنگلورو جي آئيڪون ويرات ڪوهلي هڪ جذباتي پيغام ۾ 4 جون تي پيش آيل دل ڌوڏيندڙ واقعي جي متاثرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي.
ڄاڻايل واقعو ڀارتي رياست ڪرناٽڪا جي شهر بئنگلورو ۾ ٻن مختلف هنڌن تي پيش آيو، جتي18 ورهين بعد پهريون ڀيرو آر سي بي جي ٽائٽل کٽڻ کانپوءِ جشن دوران ڀاڄ سبب گهٽ ۾ گهٽ 11 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا.
ڀارتي ميڊيا موجب، ان ڏينهن شوقين جو وڏو انگ ايم چنا سوامي اسٽيڊيم ٻاهران موجود هو ٿيو، جتي ڪرناٽڪا اسٽيٽ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن پاران ٽيم جي اعزاز ۾ تقريب رکي وئي هئي.
واقعي کانپوءِ ڪوهلي سوشل ميڊيا تي افسوس جو اظهار به ڪيو هو، جنهن کانپوءِ ڪيترن ئي واهپيدارن ۽ راندين سان واڳيل راندين جي شخصيتن ڪرڪيٽرن تي تنقيد پڻ ڪئي هئي.
هاڻي ڪوهليا پنهنجي تفصيلي بيان ۾ چيو آهي ته زندگي توهان کي 4 جون جهڙي دل ٽوڙيندڙ واقعي لاءِ تيار نٿي ڪري، اسان جي فرنچائز جي تاريخ جو سڀ کان خوشگوار لمحو هڪ ڀوائتي حادثي ۾ تبديل ٿي ويو.
اسٽار ڪرڪيٽر چيو ته ڪيئي ڏينهن تائين مان انهن ماڻهن بابت سوچيندو ۽ دعا ڪندو رهيس جيڪي هن سانحي ۾ پنهنجي قيمتي جانيون وڃائي ويٺا ۽ انهن جي لاءِ به جيڪي ڀاڄ دوران ۾ زخمي ٿيا.