ڪراچي(رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي انتظامي جج جي عدالت ۾ٽائون چيئرمين فرحان غني ۽ ٻين جوابدارن خلاف سرڪاري ملازمن تي تشدد ۽ ڌمڪين جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جاچ آفيسر محمد وسيم، پراسيڪيوٽر، جوابدار فرحان غني ۽ ٻيا جوابدار پڻ پيش ٿيا، عدالت وڪيل سان پڇاڻو ڪيو ته اي ٽي اي جو سيڪشن ختم ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي ته پوءِ ڇو لڳايو ويو؟ اي ٽي اي لاڳو نه ڪيو وڃي ها، انهن جوابدارن کي اهو سڌو سنئون مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ گهرجي ها، وڪيل صفائي چيو ته مان درخواست ڪريان ٿو ته مجسٽريٽ کي آرڊر ڪيو وڃي ته جيئن هو معاملي کي ڏسي، عدالت چيو ته انهن رپورٽن تي قانون موجب حڪم جاري ڪنداسين، وڪيل چيو ته منهنجي ڪلائنٽ کي عمرو ادا ڪرڻ لاءِ وڃڻو آهي، عدالت فرحان غني کان پڇاڻو ڪندي چيو توهان عمرو ڪرڻ ڪڏهن وڃي رهيا آهيو ۽ ڪڏهن واپس ايندا؟ جوابدار فرحان غني چيو ته سڀاڻي صبح جو عمري تي وڃي رهيو آهيان ۽ 19 سيپٽمبر تي واپس ايندس، عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا توهان جون ٽڪيٽون تصديق ٿيل آهن، جوابدار فرحان غني چيو ته ها، منهنجون ٽڪيٽون تصديق ٿيل آهن، عدالت چيو ته ايندڙ ٻڌڻي 20 سيپٽمبر تي رکي وڃي؟ فرحان غني چيو ته مان عدالت کي درخواست ڪريان ٿو ته ٻڌڻي سومر 22 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وڃي، عدالت چيو ته ٺيڪ آهي، ٻڌڻي کي 22 سيپٽمبر سومر تي رکون ٿا، وڪيل چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي فرحان غني کي ڇوٽ ڏني وڃي، جنهن بعد عدالت بچاءُ واري وڪيل جي زباني درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي پوليس جون رپورٽون ڏسي فيصلو ڪنداسين.