بيجنگ (م ڊ) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ چين پاڪستان جي حمايت ڪري ٿو، وزيراعظم شهباز شريف شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهه مملڪت جي ڪائونسلجي 25هين اجلاس ۾ شرڪت کان پوءِ سومر تي بليٽ ٽرين وسيلي تيانجن کان چين جي گادي واري شهر بيجنگ پهتو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير منصوبابندي احسن اقبال، وفاقي وزير اطلاعات عطا الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار طارق فاطمي به ساڻس گڏ هئا، چيني سرڪاري ميڊيا موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ چين جي صدر شي جن پنگ وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ شهباز شريف دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي حمايت تي چين جي صدر جو ٿورو مڃيو، ان موقعي تي چين جي صدر چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ چين پاڪستان جي حمايت ڪري ٿو، هن چيو ته اميد آهي ته پاڪستان چين جي عملي، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت يقيني بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻندو، ٻئي طرف وزيراعظم ڏکڻ ايشيا ۾ جامع ڳالهين جي نگراني لاءِ چين کي دعوت ڏني ۽ چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ جامع ڳالهيون چين پنهنجي سربراهي هيٺ ڪرائي ته جيئن اسين انهن ڳالهين جا فائدا جلد حاصل ڪري سگهون.