سنڌ حڪومت ٻوڏ جي بهاني ڪرپشن جي رٿا ٺاهي آهي:نصرالله چنا

ڪراچي/ٺٽو (پ ر+ن ع آ) جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا چيو آهي ته ملڪ ۾ معاشي ترقي جي دعويٰ ڪندڙ جعلي حڪمران اٽي جي قيمت وڌائي ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسي وٺڻ چاهين ٿا. ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ برسات جي پاڻي جي تباهي فارم 47 جي حڪمرانن ۽ انهن کي مسلط ڪندڙن جي نااهلي کي به ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. سڄو ملڪ کنڊ اٽو مافيا ۽ سنڌ ڌاڙيل راڄ  حوالي ڪيو ويو آھي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٺٽي ۾ ڪسان مزدور ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته عملي قدم کڻڻ بدران، سنڌ حڪومت ٻوڏ جي بهاني سان ماڻهن ۾ خوف ۽ پريشاني پيدا ڪئي آهي ۽ ڪرپشن جو منصوبو ٺاهيو آهي. ٻئي طرفاٽي جي قيمت ۾ به 20 رپيا في ڪلو کان وڌيڪ واڌ ڪئي وئي آهي،ان موقعي تي الطاف احمد ملاح، ايڊووڪيٽ عبدالمجيد سمون، عبدالله آدم گندرو ۽ حماد اشرف راجپوت پڻ جلسي کي خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.