اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب وبائي بيمارين ۾ اضافو ٿي ويو آهي، صحت جي عالمي اداري جي رپورٽ موجب ٻوڏ کان پوءِ پاڪستان ۾ ڊينگي جي ڪيسن ۾ 41 سيڪڙو ۽ مليريا ۾ 26 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ گيسٽرو پکڙجي رهي آهي، جڏهن ته خيبر پختونخوا ۾ خارش، چمڙي جون بيماريون، نانگ ۽ ڪتن جي ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌي ويا آهن، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ درجنين اسپتال تباهه يا سخت نقصان جو شڪار ٿي ويون آهن، جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته پاڪستان جو صحت وارو نظام وبائن جي بار هيٺ دٻجي سگهي ٿو.