جنهن ٻوڏ مٿين پنجاب جي سڀ کان خوشحال علائقن ۾ تباهيءَ جو طوفان برپا ڪيو آهي، ان جا سبب پيمرا جي لائسنس تي هلندڙ ٽي وي اسڪرينن تي سنجيدگيءَ سان بيان ئي نه پيا ٿين. حق ۽ سچ جا دعويدار يوٽيوب وارا البت ”ذميوارن جي نشاندهي“ جو تماشو ڪري پنهنجو دڪان هلائي رهيا آهن پر سوال اهو آهي ته جن فردن يا ادارن کي هاڻوڪي ٻوڏ جو حتمي ذميوار قرار ڏنو ويندو، ڇا اهي ڪڏهن به جوابدهيءَ لاءِ ڪٽهري ۾ بيهندا؟ جان جي امان پائي چوان ٿو ته هرگز نه. هڪ قوم طور اسان وساري ڇڏڻ جا عادي آهيون. ”مٽي وجهو“ اسان جي سرشت جو اهم خاصو بڻجي ويو آهي.
آچر جي صبح اخبارن سان گڏ آيل هڪ انگريزي هفتيوار ضميمي ۾ هڪ مضمون پڙهيم. ان موجب جڏهن محمود غزنوي سلطنت تي قبضو ڪيو ته هن پراڻي بادشاهه جي لائبريري سان گڏ انهن ماڻهن کي به پنهنجو ڪري ڇڏيو، جيڪي اڳوڻي بادشاهه لاءِ ”علمي ڪم“ ڪندا هئا. مطلب ته پراڻي درٻار سان لاڳاپيل حڪيم ۽ ستاره شناس نون بادشاهن لاءِ به گهربل رهيا. محمود غزنوي تڏهن به پراڻي درٻار جي ”ملڪ الشعراء“ سميت سڀئي قصيده گو پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيا. ڇو ته بادشاهت بنا قصيده گو جي بي رونق ٿي وڃي ٿي. اڳوڻي بادشاهه جا سرڪاري قصيده نويس پوءِ محمود جي واکاڻ ۾ طبع آزمائي شروع ڪري ڇڏيا هوندا. فردوسي، جيڪو شاهنامو لکيو، به محمود جي ”فياضيءَ“ جا قصا ٻڌي ايران ڇڏي غزني پهتو. پر کيس مناسب ”ريٽ“ نه مليو. ٻڌايل آهي ته محمود جي ”ڪنجوسيءَ“ کان تنگ اچي سندس سلطنت مان روپ بدلي نڪري ويو، پر ڪجهه روايتن موجب شاهه جا مخبر کيس سرحد کان ٻاهر نڪري وڃڻ ئي نه ڏنو.
ان مضمون ۾ البيرونيءَ جو به ذڪر هو، جنهن جديد سائنسي اوزارن کانسواءِ زمين جو قطر پوٺوهار جي نندھنا جبل تي ويهي ماپيو. البيرونيءَ جو تعلق اڄ جي ازبڪستان سان هو. هن محمود غزنوي جي درٻار ۾ رهڻ پسند نه ڪيو. هو لڪي نڪري ويو ته به شاهه جا مخبر سندس پويان لڳي ويا. پر اهو پتو نه پئجي سگهيو ته زمين جو قطر هن محمود جي غلاميءَ ۾ ماپيو يا غائب ٿيڻ کان پوءِ. اهو به ٿي سگهي ٿو ته هو محمود جي بادشاهي سنڀالڻ کان اڳ ئي پوٺوهار (اڄ جي چُوها سيدن شاهه ڀرسان) ماپ ڪرڻ لاءِ اچي ويٺو هجي. سندس غير موجودگيءَ کي بادشاهه دانسته غيبت سمجهيو.
تاريخي ڀُلن ۾ وڃڻ بدران ائين ئي مڃجي ته اڄوڪي حڪومتون به نون قصيده نويسن بدران ”شرطيه مٺا“ قسم جا منشي ڳولي اڪتفا ڪنديون آهن. منهنجي جهڙي جُهالت واري صحافيءَ جي بدقسمتي اها رهي جو مون وٽ اهو هنر ڪونه هو. 1975ع کان وٺي اڄ تائين مسلسل قلم کي پيهندو رهيس، ٽائيپ رائيٽر تي آڱريون گهمائيندو رهيس، پر ڪنهن به حڪومت کان اهڙو تمغو نه مليو جنهن کي ڳچيءَ ۾ لٽڪائي ”شاهي مصاحب“ ٿيڻ تي اِترائيندو هلان. هن دائمي بيهنري مون کي هميشه درٻار کان پري رکيو. پر جيتوڻيڪ مون وٽ ڪو لقب نه آيو، تڏهن به تجربي جي بنياد تي چئي سگهان ٿو ته ”احتساب“ جهڙي شيءِ هن ملڪ جي نصيب ۾ ڪڏهن به ناهي.
1980ع جي ڏهاڪي جي وچ کان لوڊشيڊنگ شروع ٿي. تڏهن اسلام آباد ۾ ”اندروني خبر“ رکڻ وارا ٻڌائيندا هئا ته شام جو بجلي ان لاءِ بند ڪئي ويندي هئي ته سفارتڪارن کي پيغام ملي ته بنا ايٽمي توانائيءَ جي بجلي پيدا ڪرڻ ناممڪن آهي. مان ڪالاباغ ڊيم تي ٿيندڙ بحثن جو حوالو ڏيندو هئس ته مون کي چوندا هئا ته اهي بحث صرف ”سايڊ شو“ آهن، اصل مقصد ايٽمي توانائي حاصل ڪرڻ آهي.
1993ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو ٻيهر اقتدار ۾ آئي ته آءِ پي پي (IPP) جو وڏو چرچو ٿيو. اهي قائم به ٿيا، پر حڪومت ڊگهي نه هلي سگهي ۽ فاروق لغاريءَ هٿان برطرف ٿي وئي. نواز شريف ٻيهر وزيراعظم ٿيو ته هن جو احتساب رحمان بجلي ٺاهيندڙن کي ڪرپٽ قرار ڏئي گرفتار ڪرڻ شروع ڪيو. 1998ع ۾ اسان ايٽمي قوت بڻجڻ جو اعلان ڪيو. ان کان پوءِ به نواز حڪومت نجي سيڙپڪارن کي بجلي ٺاهڻ لاءِ همٿائيندي رهي. ملڪ جون ضرورتون اڃا 25 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ نه آهن، پر اسان وٽ 40 هزار ميگاواٽ پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي. دنيا ۾ طلب ۽ رسد بنيادي اصول آهي، پر اسان ته غير ضروري بجليءَ جي قيمت به معاهدي موجب ادا ڪرڻ جا پابند آهيون. سوال اهو ٿو اڀري ته اهي معاهدا ڪنهن ڪيا؟ ڇو ڪيا ويا؟ انهن تي ڪڏهن به تفصيلي بحث ٿيو؟ نه قومي اسيمبلي ۾، نه سينيٽ ۾. وڏن عملدارن بي فڪريءَ سان دستخط ڪري ڇڏيا، ۽ اڄ تائين اسان مهانگي بجلي خريد ڪرڻ تي مجبور آهيون.
شمسي توانائي استعمال ڪرڻ شايد جلد ئي اسان وٽ ”منشي وڪرو“ جهڙو جرم سمجهيو ويندو. حڪومت کي تڪليف اها آهي ته ”نيشنل گرڊ“ مان بجلي خريد ڪندڙن جي تعداد ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. تنهن ڪري شمسي توانائيءَ کي روڪڻ ضروري ٿي ويو آهي. قوم کي ڄڻ ته وري پٿر جي دور ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. ٻوڏ بابت فقط لاهور جي حوالي سان عمران حڪومت يا موجوده حڪومت کي ذميوار قرار ڏيڻ ڪافي ناهي. ڪجهه ماڻهن جا نالا کڻي انهن کي شرمندہ ڪرڻ سان يقين نٿو ٿي سگهجي ته ايندڙ برساتي موسم ۾ اهڙي تباهي نه ٿيندي. صرف سنجيده مطالعي ذريعي ئي اسان پاڻ ۽ ايندڙ نسل تباهه ڪُن ٻوڏن کان بچائي سگهون ٿا
جنهن ٻوڏ مٿين پنجاب جي سڀ کان خوشحال علائقن ۾ تباهيءَ جو طوفان برپا ڪيو آهي، ان جا سبب پيمرا جي لائسنس تي هلندڙ ٽي وي اسڪرينن تي سنجيدگيءَ سان بيان ئي نه پيا ٿين. حق ۽ سچ جا دعويدار يوٽيوب وارا البت ”ذميوارن جي نشاندهي“ جو تماشو ڪري پنهنجو دڪان هلائي رهيا آهن پر سوال اهو آهي ته جن فردن يا ادارن کي هاڻوڪي ٻوڏ جو حتمي ذميوار قرار ڏنو ويندو، ڇا اهي ڪڏهن به جوابدهيءَ لاءِ ڪٽهري ۾ بيهندا؟