سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ ٽِي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، مچل اسٽارڪ ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏيڻ لاءِ ٽي ٽوئنٽي تان رٽائر ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
واضح رهي ته مچل اسٽارڪ گذريل سال ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کانپوءِ به ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ نه کيڏي هئي، هاڻي هو آسٽريليا لاءِ رڳو ريڊ بال ۽ ون ڊي فارميٽس ۾ دستياب هوندو.
ان کانسواءِ فاسٽ بالر علائقائي ٽي ٽوئنٽي ليگز سميت انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل ) کيڏندو رهندو.
ڪينگرو فاسٽ بالر مختصر فارميٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي چيو ته ”ٽيسٽ ڪرڪيٽ هميشه سندس پهرين ترجيح رهي آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته ”آسٽريليا لاءِ کيڏيل هر ٽي ٽوئنٽي ميچ جو مزو ورتو، 2021ع وارو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽڻ مون لاءِ خاص لمحو هو.“
ياد رهي ته مچل اسٽارڪ آسٽريليا لاءِ 65 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏيون، جنهن ۾ سندس وڪيٽن جو انگ 79 رهيو.
You might also like