لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سُڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري ڪالا باغ ڊيم بابت خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي بيان جي حمايت ڪري ڇڏي .
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عظميٰ بخاري چيو ته هن وقت ٻوڏ جي صورتحال انتهائي خطرناڪ آهي، بهرحال راوي درياءَ ۾ پاڻي جي سطح تيزيءَ سان گهٽجي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته ٻوڏ متاثرن جي شڪايتن جو ازالو ڪجهه ڪلاڪن اندر ڪيو وڃي ٿو، ٽوبا ٽيڪ سنگهھ ۾ 30 ماڻهن کي ٻوڏ متاثر علائقي مان ريسڪيو ڪيو ويو، جڏهن ته ڊي ايڇ ڪيوز ۽ ٽي ايڇ ڪيوز اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ کي ختم ڪرڻ ضروري آهي.
صوبائي وزير موجب، ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 41 تائين پهچي ويو آهي.
عظميٰ بخاري وڌيڪ چيو ته ڪالا باغ ڊيم بابت پي علي امين جي بيان سان متفق آهيان.
واضح رهي ته علي امين گنڊاپور ڪالا باغ ڊيم جي حق ۾ بيان ڏيندي چيو هو ته ڪالا باغ ڊيم سان پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا کي پاڻي ملندو، سنڌ کي ڊيم بابت خدشا آهن ته ميز تي ويهي ڳالهايون، ڪالا باغ ڊيم ملڪ جي ضرورت آهي پر سياست جي ڪري هي منصوبو رڪيل آهي، اهڙو ڊيم نه ٺاهڻ ملڪ ۽ ايندڙ نسلن سان زيادتي آهي.